سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت

لاڙڪاڻو :- سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي وڌيڪ 5 ڄڻا فوت ٿيا آهن، وڏو وزير مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 66 ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن، تبليغين جو انگ 4978 ھو جن مان 720 ڄڻن جا ٽيسٽ نتيجا مثبت آيا، وڏي وزيرجو چوڻ هو ته ملڪ اندر وڌندڙ وبا سبب مريضن جو تعداد 10 ھزار تائين پهچي ويندو، مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ تبليغي جماعت جي 4179ڄڻن کي ڪليئر قرار ڏئي گهرن ڏانهن موڪليو، وڏو وزيرچيو ته لاڙڪاڻي ۾ 65 ڪيسز آھن، جن ۾ 23 مقامي آهن، ايندڙ ھفتي جي آخر تائين لاڙڪاڻي ۾ به ٽيسٽنگ ليبارٽري کولي ويندي، شڪارپور ۾ 7، ڪشمور ۾ 9، جيڪب آباد ۾ 9 ڪيسز آهن، مسجدن ۾ وڃڻ کان ڪنهن ناهي روڪيو پر امام صاحب سان گڏ انگ مقرر ڪيو آهي، رمضان اچي رهيو آهي، ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي، فنانشل ايڊيشنل سپورٽ ناهي ملي نه ئي وفاق کان گهري آهي.