سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 307 ڪيس سامهون آيا آهن: مراد علي شاه

ڪراچي :- سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 307 ڪيس سامهون آيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته 24 ڪلاڪن دوران سنڌ ۾ وڌيڪ 4 مريض فوت ٿي ويا آهن، صوبي ۾ هيل تائين هڪ لک 33 هزار 125 ڪيس سامهون آيا آهن، اڄ سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 178 مريض صحتياب ٿيا آهن