سنڌ ۾ 2011ع کان هيل تائين 4 هزار 214 ماڻهو گُم ٿيڻ جو انڪشاف، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل ماڻهن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش.

ڪراچي سنڌ ۾ 2011ع کان هيل تائين 4 هزار 214 ماڻهو گُم ٿيڻ جو انڪشاف، آءِ جي سنڌ ۽ گهرو سيڪريٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گُم ٿيل ماڻهن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هيل تائين 3 هزار 609 ماڻهن جو پتو لڳايو ويو آهي، 605 ماڻهن جو اڃا تائين ڪوبه پتو ناهي پيو، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڪراچي مان 570 ماڻهن کي کنڀي گُم ڪيو ويو، حيدرآباد ۾ 20، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ 7-7 ماڻهن جي جبري گمشدگي رپورٽ ٿي آهي، ميرپور خاص ۾ هڪ شهري کي کنڀي گُم ڪيو ويو، رپورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جا 605 ڪيس التوا جو شڪار هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.