سنڌ ۾ 200 کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل ٺهڻ جي تصديق، ڊي سيز خلاف ڪارروائي جي سفارش

ڪراچي :- جعلي ڊوميسائل بابت جاچ رپورٽ وڏي وزير مراد علي شاهه حوالي ڪئي وئي. جاچ دوران چئن ضلعن ۾ 200 کان وڌيڪ جعلي ڊوميسائل جاچ ڪميٽي جعلي ڊوميسائيل ٺاهيندڙ ڊپٽي ڪمشنرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي وئي. ڪميٽي پاران پي آر سي قانون کي سخت ڪرڻ جي سفارش ڪري گذريل 10 سالن ۾ ٺهندڙ جعلي ڊوميسائيل خلاف ڪمشنرن کي جاچ ڪرڻ جي به سفارش ڪئي. جاچ رپورٽ ۾ جعلي ڊوميسائيلن ذريعي نوڪريون وٺندڙن کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ذريعن موجب جعلي ڊوميسائلز ۾ سنڌ جي مختلف تعليمي ادارن ۾ داخلائون وٺندڙ ٻين صوبن جي شاگردن جون داخلائون به رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. جعلي ڊوميسائيلن واري اسڪينڊل بعد سنڌ سرڪار پاران 27 مئي تي بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر قاضي شاهد پرويز جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي هئي. جاچ ٽيم ڪشمور، ڄامشورو، گهوٽڪي ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهڻ جي شڪايت تي جاچ ڪئي. جاچ ڪاميٽي 8 ڏينهن بعد رپورٽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حوالي ڪري ڇڏي