سنڌ ۾ 14 اپريل کان ڪاروباري سرگرميون مرحليوار بحال ڪرڻ جو فيصلو، طريقيڪار طئي ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي:- سنڌ سرڪار طرفان 14 اپريل کانپوءِ ڪاروباري سرگرميون مرحليوار بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پورهئي واري کاتي ۽ ٻين ادارن کي صنعتون کولڻ بابت طريقيڪار تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته مخصوص صنعتن کي ايندڙ هفتي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪاروباري سرگرميون بحال ڪرڻ جي حوالي سان اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ وڏي وزير 14اپريل کان پوءِ مرحليوار ڪاروباري سرگرميون بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي وزير پوهئي واري کاتي کي هدايت ڪندي چيو ته ضروري فيڪٽريون کولڻ لاءِ طريقو طئي ڪيو وڃي. هن چيو ته صحت، صنعت ۽ ٻين شعبن جا ماهر طريقو ٻڌائين. وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هر سيڪٽر لاءِ الڳ طريقو طئي ڪيو وڃي. هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪورونا وائرس ٻهراڙين ۾ پکڙيو ته صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ ڏکي ٿي ويندي، شهري بيماري کي روڪڻ لاءِ وڌ کان وڌ گهرن ۾ رهن.وڏي وزير خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪچين آبادين ۽ پٺ تي پيل علائقن ۾ ڪورونا وائرس پکڙجي ويو ته حڪومت کي ڏکيائيون پيش اينديون ۽ صحت جون نظام جواب ڏئي ويندو. هن چيو ته 5 اپريل جي صبح 8 وڳي تائين 8 هزار 931 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 881 هاڪاري آيون، انهن مان 123 مريض صحتياب ٿي پنهنجي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن، خوشي جي ڳالهه اها آهي ته 4 اپريل کان 5 اپريل جي وچ وارن 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 68 ڄڻن ان وبا مان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو آهي. هن چيو ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته صوبي ۾ هيل تائين 15 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، ڪورونا وائرس جي موجوده مريضن جو انگ 743 آهي، انهن مان 380 ماڻهن گهرن ۾ اڪيلائي اختيار ڪئي آهي، 224 سرڪاري آئسوليشن سينٽرن ۾ علاج هيٺ آهن ۽ لڳ ڀڳ 139 مختلف اسپتالن ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ هڪ ڊسٽرڪٽ ريپڊ ريسپانس ٽيم جوڙي آهي، جنهن جو ڪم وائرس سان متاثر ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن ۾ وڃي شڪي ماڻهن جي ٽيسٽ ڪرڻ ۽ هاڪاري اچڻ جي صورت ۾ کين مختلف طبي سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. وڏي وزير ٻڌايو ته ان ٽيم ۾ ترتيب يافته ماڻهو شامل آهن پر جيستائين ٽيم توهان وٽ نه پهچي، توهان ماڻهن سان ملڻ جلڻ ڇڏي ڏيو، ڇو ته ان مرض جو رڳو هڪ ئي علاج سماجي وٿي آهي، جيڪي 123 ماڻهو صحتياب ٿيا، انهن کي ڪا خاص دوا نه ڏني وئي پر اهي اڪيلائي اختيار ڪري صحتمند ٿيا. سيد مراد علي شاهه چيو الله پاڪ جو شڪر آهي ته اڃا تائين ڪچين آبادين ۽ پٺ تي پيل علائقن ۾ ڪورونا وائرس جو ڪيس سامهون ناهي آيو پر الله نه ڪري انهن علائقن ۾ جيڪڏهن وائرس پکڙجي ويو ته مسئلو ٿي ويندو ۽ اسان جو صحت جو نظام جواب ڏئي ويندو. سندس چوڻ هو ته اسان لاڪ به وائرس جي روڪٿام لاءِ هنيو، جيڪڏهن 14 اپريل تائين لاڪ ڊائون ڪاميابيءَ سان جاري رهيو ته مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.