سنڌ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جا 20 کان وڌيڪ بند ڪمزور

ڪراچي :- سنڌ ۾ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن جا 20 کان وڌيڪ بند ڪمزور، پاڻي جي ماپ وارا جديد اوزاربه خريد نه ٿيڻ/ جو انڪشاف، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران بندن جي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي، جنهن لاءِ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري چئني چيف انجنيئرن سميت ايم ڊي سيڊا کي طلب ڪري ساڻن بندن جي حوالي سان تفصيل معلوم ڪيا، ذريعن موجب گڊو بئراج جي چيف انجنيئر محمد اسحاق عباسي ٻڌايو ته گڊو ويجهو 2010ع جي ٻوڏ ۾ ٽوڙهي بند ٽٽو هو، جتي هن وقت اعتمام جوڳي صورتحال آهي، انهي باوجود 6 بند انتهائي حساس آهن، جتي اسٽاف کي مقرر ڪري نگراني ڪري سگهجي ٿي پر اسان وٽ اسٽاف جي کوٽ آهي، ساڳي ريت سکر بئراج جي چيف انجنيئر ارشاد ميمڻ ٻڌايو ته سکر بئراج مان گذرندڙ پاڻي جي ماپ ڪرڻ لاءِ گيج ناهن. جيڪي اڳ ۾ گيج هئا، اهي گم ٿي ويا آهن، سکر بئراج سان لاڳاپيل 6 حساس بند آهن، جتي اسٽاف ڊيوٽي ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج جي چيف انجنيئر شفقت حسين وڌو ٻڌايو ته ڪوٽڙي جي ڪوٽ عالمو، سورجاڻي، منارڪي، ڪوڪا بند ۽ پنو بگهاڙ بند کي حساس قرار ڏنو ويو آهي، جتي اسٽاف جي کوٽ آهي، انهي ڪري خالي پيل جاين تي ايس ڊي او سميت لاڳاپيل اسٽاف مقرر ڪيو وڃي، سيدا جي ايم ڊي ولي محمد نائچ ٻڌايو ته سيڊا وٽ ٻاچڪو بند، دل وارو بند، رحمڪي، قادرپور ۽ روهڙي بند آهن، جتي صورتحال بهتر آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي سيڪريٽري آبپاشي سعيد مڱڻيجو ٻڌايو ته اسٽاف جي کوٽ جي نشاندهي بعد اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، بندن جي صورتحال بهتر آهي پر اسان احتياطن کين حساس قرار ڏنو آهي، هن ٻڌايو ته پاڻي جي ماپ وارا اوزار جيڪي سکر ۾ موجود ناهن، اهي گيج کين موڪليا ويندا.