سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه ارادو آهي ۽ نه ئي اُن معاملي تي غور ٿي رهيو آهي : عمران خان

ڪراچي :- وزيراعظم عمران خان سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ وارين افواهن کي رد ڪندي ڪندي چيو آهي ته اهڙو معاملو غور هيٺ ناهي، جيڪي ماڻهو چون ٿا پُراڻيون ڳالهيون ڇڏيو، اڳتي وڌو، اُنهن کي ٻڌايان ته سندن احتساب کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو. ڪراچي جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جيڪي چون ٿا حڪومت ڪيرايو، اُهي منهنجي واتان اين آر او جو لفظ ٻڌڻ گهرن ٿا. اهي پهرئين ڏينهن کان بليڪ ميل ڪري رهيا آهن ته ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو. جيڪي ماڻهو چوري، ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ڪري رهيا آهن، اُنهن کي سزا ڏيڻ ضروري آهي، کين سزا ڏيڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو. اپوزيشن وارا خوف ۾ ورتل آهي، کين خبر آهي ته روزانو سندن خلاف نيون شيون اچي رهيون آهن، تنهن ڪري کين حڪومت ڪيرائڻ جي تڪڙ آهي ۽ انهي مقصد لاءِ ئي گڏ ٿي رهيا آهن. اهڙن ماڻهن جو احتساب ڪرڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي نه وڌي سگهندو. ڪجهه ماڻهو چئي رهيا آهن ته پُراڻيون ڳالهيون ڇڏيو، اڳتي وڌو، جهڙي ريت ڪرپشن ٿي رهي آهي، اُن سان ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه ارادو آهي ۽ نه ئي اُن معاملي تي غور ٿي رهيو آهي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪوشش ڪري آهيون ته سڀ ماڻهو ٽئڪس ڏين، اسان نوان نوٽ ڇاپڻ بدران ٽئڪس تي زور ڀري رهيا آهيون، ڇاڪاڻ جو نوان نوٽ ڇاپيا ته مهانگائي وڌي ويندي. عمران خان جو چوڻ هو ته ماڻهن کي خبر آهي ته منهنجو جيئن مرڻ پاڪستان ۾ آهي، پرڏيهه ۾ نه ته ڪو ڪاروبار آهي ۽ نه ئي ڪا ملڪيت آهي، اڳوڻي صدر آصف زرداري چاليهه ڀيرا دبئي جا دورا ڪيا، نواز شريف 20 ڀيرا لنڊن ويو، آئون امريڪا ويندس ته ڪنهن هوٽل تي نه، پر سفارتخاني ۾ ترسندس. وزيراعظم عمران خان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته ٻنهي جماعتن پهرين هڪٻئي تي ڪرپشن جا ڪيس ٺاهيا، اُن کانپوءِ چيو ته توهان اسان کي نه پڪڙيو، اسان توهان کي نه پڪڙينداسين.