سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 665ڪورونا جا ڪيس ظاهر ۽ 3مريض فوت ٿي ويا

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24ڪلاڪن دوران وڌيڪ 665ڪورونا جا ڪيس ظاهر ۽ 3مريض فوت ٿي ويا، ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ وڏي وزير مرد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 2هزار687 ٿي ويو آهي، اڄ وڌيڪ ڪورونا جا 262مريض صحتياب ٿي ويا آهن، 248ڪورونا مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، 35مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، عوام کي ايس او پيز تي عمل ڪرڻ گهرجي