سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ ڌڙا ڌڙ اضافو: انگ 150 ٿي ويو سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 46 ڪيس ظاهر

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، صوبي اندر ڪورونا سٽيل مريضن جو انگ وڌي 150 ٿي ويو، سکر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، هيل تائين سکر ۾ 119 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، صوبي ۾ سامهون آيل ڏيڍ سئو ڪيسن مان ڪراچي ۾ 30 ۽ حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، جنهن بعد سنڌ سميت ملڪ اندر ڪورونا ڪيسن جو انگ پوڻا 2 سئو تائين پهتو آهي. ان کان اڳ وڏي وزير مراد علي شاهه ايم پي ايز کي آگاهه ڪيو ته تافتان کان منتقل ٿيل وڌيڪ زائرين مان وڌيڪ 24 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ اچي وئي آهي، جنهن موجب وڌيڪ 15 زائرين کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي.