سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 29 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو صوبي ۾ ڪورونا وائرس سبب 1824 رڪارڊ ڪيس ظاهر، فوتين جو انگ 555 ٿي ويو: مراد علي شاهه

Pakistani health personnel take part in a drill as a preventative measures during an emergency of coronavirus outbreak, in Peshawar Pakistan, Monday, March 3, 2020. Pakistani health officials reported coronavirus cases in Pakistan. (AP Photo/Muhammad Sajjad)

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وڌيڪ 29 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، فوتين جو انگ وڌي 555 ٿي ويو آهي، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو پيغام جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 1824 رڪارڊ نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، صوبي ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 29 مريض فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 555 ٿي ويو آهي، مراد علي شاهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ اڄ ڪورونا جا 1824 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، 1824مان 1284 رڳو ڪراچي جا ڪورونا ڪيس آهن، حيدرآباد ۾73 ۽ گهوٽڪي ۾ 36 ڪورونا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، شڪارپور ۾ 24، ڄامشورو-ڪشمور ۾13-13ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، قمبر ۾ 10، خيرپور ۽ دادو ۾ڪورونا جا 9-9 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ميرپورخاص ۽ سجاول ۾ 8-8 ۽ جيڪب آباد ۾ 7 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، هن چيو ته نوابشاهه ۽ بدين ۾4-4 ۽ سانگهڙ ۾ڪورونا جا 3 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير چيو ته ماڻهو احتياط نه پيا ڪن، جنهن ڪري فوتين ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ڪيس به وڌي رهيا آهن.