سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 ڄڻا فوت:وڏو وزير

ڪراچي : سنڌ ۾ڪورونا وائرس وگهي 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، 172 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ڪورونا متاثرن جو انگ هڪ لک 28 هزار 456 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 6 مريض فوت ٿي ويا آهن، ڪورونا وائرس وگهي سنڌ ۾ 2 هزار 373 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، سنڌ ۾ڪورونا وائرس جا هڪ لک 22 هزار 181 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.