سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي ويا,عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين: وڏو وزير

ڪراچي :- وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب 18 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، اڄ وڌيڪ 54 ڪيس سامهون اچڻ بعد مريضن جو انگ 932 ٿي ويو آهي ۽ هيل تائين 309 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. عوام گهرن مان ٻاهر نه نڪري، جلد وائرس تي ضابطو آڻينداسين. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي ساهه چيو ته اڄ وڌيڪ 634 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن،جن مان وڌيڪ 54 ماڻهن کي ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن بعد صوبي ۾ متاثرن جو انگ وڌي 986 ٿي ويو آهي. وڏي وزير چيو ته اڄ وڌيڪ 16 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن بعد صحتياب ٿيل مريضن جو انگ 309 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فوت ٿي ويل مريضن جو انگ 18 آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪورونا وائرس سبب 24 ڪلاڪن ۾ هڪ ماڻهو فوت ٿيو آهي، 396 مريض پنهنجي گهرن ۾ آئسوليشن ۾ آهن، 206 مريص سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته اسان آئسوليشن سينٽرز، سي سي يو ۽ آءِ سي يو جي تعداد وڌائي رهيا آهيون، فرنٽ لائين تي ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرز کي سلام آهي، ڊاڪٽر عبدالقادر سومرو به مريضن جو علاج ڪندي فوت ٿي ويو. وڏي وزير چيو ته ماڻهن کي اپيل آهي ته گهرن ۾ رهن، دل ۽ ساهه جي مريضن سميت بزرگن ۽ ٻارڙن کان پري رهو، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته جلد هي وائرس ختم ٿي وڃي.