سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت: مراد علي شاهه

ڪراچي :- سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 9 مريض فوت ٿي ويا آهن، وڌيڪ 451 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ ۽ دڪان وارن جا ٽيسٽ ڪيا ويندا، سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر مريضن جو انگ 8 هزار 640 ٿي ويو آهي، ڪورونا وائرس سبب 9 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 157 ٿي ويو آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 6752 مريض علاج هيٺ آهن، ڪورونا جا 5528 مريض گهرن ۾ آئسوليٽ آهن، هن وقت تائين 1731 مريض صحتياب ٿي ويا آهن، جيڪو انگ جو 20 سيڪڙو آهي، آئسوليشن مرڪزن ۾ 721 ۽ 503 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، هن چيو ته 89 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.