سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ ڌڙا ڌڙ اضافو ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڏي 193 ٿي ويو

لاهور :- پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون مريض فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. پنجاب جي صحت کاتي طرفان چيو ويو آهي ته لاهور ۾ ڪورونا وائرس جو شڪار پهريون شهري فوت ٿي ويو آهي. حافظ آباد واسي غلام عمران کي ڪورونا وائرس جي شڪ سبب لاهور جي ميو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جنهن جي ٽيسٽ رپورٽ ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي. اختيارين جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل حافظ آباد واسي ايران مان واپس آيو ته تافتان سرحد وٽ کيس 14 ڏينهن تائين قرنطينه ۾ رکيو ويو هو. اهو عرصو پورو ٿيڻ بعد هو لاهور ويو ته کيس ميو اسپتال جي آءِ سي يو ۾ منتقل ڪيو ويو.
سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسز ۾ ڌڙا ڌڙ اضافو ٿيڻ بعد پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو انگ وڏي 193 ٿي ويو آهي.