سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جو پهريون مريض صحتياب ٿي ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سان متاثر پهريون مريض صحتياب ٿي ويو، جنهن کي بنا دير اسپتال مان فارغ ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت جي ترجمان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته ڊاڪٽرن ڪورونا وائرس سبب علاج هيٺ شخص کي صحتمند قرار ڏئي اسپتال مان فارغ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.سندس چوڻ هو ته نوجوان جون ڪورونا وائرس جي حوالي سان ڪيل ٽيسٽون ناڪاري آيون آهن ۽ کيس جلد کان جلد اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويندو.هوڏانهن صوبائي صحت کاتي به تصديق ڪئي ته ڪورونا وائرس جو پهريون مريض يحيٰ جعفري صحتياب ٿي ويو آهي.صحت کاتي جي ترجمان موجب يحيٰ جعفري ۾ 10 ڏينهن اڳ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي ۽ ان جي 3 ڀيرا ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ٽيسٽ ٿي. ترجمان موجب گذريل 48 ڪلاڪن دوران يحيٰ جعفري ۾ بيماري جي ڪا علامت ظاهر نه ٿي، اڄ ٻيهر ٽيسٽ ناڪاري اچڻ تي مريض کي گهر موڪليو ويندو.