سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ پندرنهن ڄڻا فوت، سورنهن سئو پندرنهن ماڻهو متاثر ٿيا: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 15 مريضن جي فوت ٿيڻ وڃڻ سان ٽوٽل انگ 2983 تائين پهچي ويو آهي ۽ وڌيڪ 13159 ٽيسٽون ڪرڻ جي نتيجي ۾ 1615 مثبت ڪيس ظاهر ٿيا آھن.وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته وڌيڪ 15 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ وڌي 2983 ٿي ويو، جيڪو 1.7 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 13339 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 1615 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 12.1 سيڪڙو آهن.هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 2021993 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 179240 ڪيس پڌرا ٿيا جن مان 87 سيڪڙو يعني 156034 مريض صحتياب ٿيا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 1831 پڻ شامل آهن. مراد علي شاهه موجب 1615 نون مريضن مان 1258 جو تعلق ڪراچي سان آهي جن ۾ ضلعي ڏکڻ 421، ضلعي اوڀر 416، ضلعي مرڪز 197، ضلعي ملير97، ضلعي ڪورنگي 88 ۽ ضلعي اولهه 39 شامل آهن. جڏهن ته حيدرآباد 133، بدين 30، لاڙڪاڻو 22، شهيد بينظير آباد ۽ ٽنڊو محمد خان 18-18، ٺٽو 17، عمرڪوٽ 16، سکر 11، گهوٽڪي 9، قمبر 7، سانگهڙ 6، دادو ۽ ٽنڊو الهيار 4-4، جيڪب آباد 3، خيرپور ۽ شڪارپور 2-2، مٽياري، ميرپورخاص ۽ نوشهرو فيروز 1-1 شامل آهن.سنڌ جي وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آهي ته حڪومت پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي.