سنڌ ۾ ڪورونا جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر, متاثرن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو

ڪراچي :- سنڌ ۾ ڪورونا جو هڪ ٻيو ڪيس ظاهر ٿيو آهي. صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ وڌي 16 ٿي ويو. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 38 ورهين جي نوجوان کي ڪورونا وائرس هجڻ جي تصديق ٿي آهي. وائرس جو مريض ڪجهه ڏينهن اڳ سعودي عرب کان ڪراچي واپس پهتو هو. صحت کاتي جو چوڻ آهي ته وڌيڪ هڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثرن جو انگ 16 ٿي ويو آهي، جِن مان 2 مريص صحتياب ٿي گهر واپس هليا ويا، جڏهن ته 14 مريضن کي آئيسوليشن وارڊز ۾ منتقل ڪري سندن علاج ڪيو پيو وڃي.