سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪلور جاري، ڪيترائي نوان ڪيس رپورٽ، سکر ۾ ماسڪ نه پائڻ تي ڏنڊ هوندو

ڪراچي:- سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا ڪلور جاري جنهن سبب ڊاڪٽرن ۽ سميت ڪيترائي نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيس وڌڻ جو خدشو پڻ برقرار آهي. گذريل ڏينهن مدئجي ۾ ٻه ڏينهن اڳ شهر ۾ ڏهي وڪرو ڪندڙ دڪاندار سعيد شاھ جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽيو اچڻ بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪيلاش ڪمار ۽ چنار گل ٽيم سميت مشواڻي محلا پهچي سعيد شاھ جي 5 گهر ڀاتين جي ڪورونا ٽيسٽ لاءِ سيمپل ورتا. سعيد شاھ جي گهر ڀاتين کي گهر اندر ائسوليٽ ڪيو ويو آهي. قمبر شھدادڪوٽ ضلعي ۾ ڪورونا وائرس قابو ۾ نه اچي سگهيو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين سميت وڌيڪ 6 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آھن جنهن بعد ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ وڌي 217 ٿي ويو آھي نون ظاهر ٿيل ڪيسن ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين محمد قاسم کوسو سندس پٽ، 2 صحت کاتي جا ملازم ۽ ٻيا شامل آهن. جڏھن ته 170 ڄڻا ڪورنا وائرس جي وبا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا آھن. خيرپورناٿن شاهه ۾ ڪورونا جا هاڃا جاري آهن ، تعلقه اسپتال 2 ميڊيڪل آفيسر ينگ ڊاڪٽرن جي ڪورونا وائرس ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آئي آهي جنهن بعد ڪل انگ 10  ٿي ويو. ڪوٽ غلام محمد حبيب بئنڪ ملازم جي سرڪاري اسپتال ۾ مثبت ڄاڻايل ڪورنا رپورٽ ملازم پاران ٻيهر آغان خان مان ڪرايل ڪورنا جي رپورٽ نيگيٽو اچي وئي 5 ڏينهن کان سيل ڪيل حبيب بنئڪ کي کوليو ويو. سجاول ضلعي ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ لڳو آهي. 19 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌي 126 ٿي ويو آهي. چوهڙجمالي جي هڪ ڊاڪٽر نويد اسماعيل ميمڻ، صحافي وقار ميمڻ، ٽائون ڪميٽي ملازمن سومار ملاح، علي نواز ملاح سميت دڙو شهر جا 6 ڄڻاشامل آهن. قاضي احمد اسپتال جي ڊاڪٽر تصوير ٻرڙو جي ڪورونا جي رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد اسپتال کي مڪمل سيل ڪيو ويو. اسپتال جي ملازم ماڻڪ بالادي ۽ پوليس اھلڪار عبدالرحيم ڦج، سردار ڪالوني واسي ڊگري ڪاليج جي ملازم سڪندرعلي لاکو ۽ زمان ماڃوٺو جي رپورٽ پازيٽو آئي آهي. خانپورمهر ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 9 ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد انگ 80 ٿي ويو. دادو ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 12 ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مريضن جو انگ وڌي 182 ٿي ويو آهي. سکر انتظاميا شهر ۾ ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو، ماسڪ نه پائيندڙ خلاف 5 سئو کان هزار رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو. ڄام نواز علي پوليس ٽرينگ سينٽر جي ٻن پوليس اهلڪارن جي رپوٽ پازيٽو آئي آهي. ماتلي تعلقي ۾ وڌيڪ 6 ماڻھن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچڻ بعد انگ وڌي 48 ٿي چڪو آهي جڏهن ته صرف ماتلي شھر اندر ڪورونا جي مريضن جو انگ 28 ٿي چڪو آهي. ماتلي شھر جي واڻيا گھٽي جي ھڪ عورت سميت وڌيڪ چئن ماڻھن ۽ بدين ۾ رھندڙ ٻن ماتلي واسين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي.