سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 914 ڪيس ظاهر، 19 مريض فوت

HYDERABAD: A Dr Check up a man who was come in Iran. Pakistan has detected its first two cases of novel coronavirus . First positive case was reported in Karachi in a 22-year-old male with a "history of travel to Iran where he has acquired the virus."INP PHOTO by Yasir Rajput

ڪراچي : سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا وڌيڪ 914 ڪيس ظاهر ٿيا، جڏهن ته 19 مريض فوت ٿيا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 5،039 ٿي ويو آهي. اڄ 684 مريض صحتياب ٿيا، جنهن بعد صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 287728 کي پهچي چڪو آهي. هن وقت تائين 4109557 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي آهي، جنهن مان 318562 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. هن وقت 25795 مريض علاج هيٺ آهن؛ جن مان 967 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 73 مريض وينٽيليٽرز تي آهن.