سنڌ ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 1293 ڪيس ظاهر، 24 مريض فوت

ڪراچي؛ سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 1293 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 24 مريض فوت ٿي ويا. اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 4966 ٿي ويو آهي. وبا مان 1273 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا، صحتياب ٿيندڙن جو انگ وڌي 284695 ٿي چڪو آهي. هن وقت 23381 مريضن جو علاج جاري آهي، جن مان گهرن ۾ 22379 ، آئسوليشن سينٽرز ۾ 22 ۽ مختلف اسپتالن ۾ 947 مريض داخل آهن. انهن مان 883 مريضن جي حالت نازڪ جڏهن ته 69 مريض وينٽيليٽرز تي آهن. صوبي ۾ 1293 نون ڪيسن مان 764 جو تعلق ڪراچي سان آهي.