سنڌ ۾ ڌرڻا هڻڻ ريلي ڪڍڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي 60 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي:= سنڌ ۾ هاءِ ويز،  اهم  روڊن، ريلوي اسٽيشنن، بس اڏن، اندرون شهر جي روڊن توڙي اسپتالن ۽ يونيورسٽي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڌرڻا هڻڻ، ريلي ڪڍڻ ۽ احتجاج ڪرڻ تي 60 ڏينهن لاءِ پابندي لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري. گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 25 جنوري تي اپيڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ طئي ٿيو هو ته اهم شاهراهن تي ڌرڻن، احتجاجن ۽ ريلين سان امن امان جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو ۽ معيشت تي به خراب اثر پون ٿا، اهڙي سفارش رينجرز ۽ پوليس طرفان به ڪئي وئي، تنهنڪري اهم شاهراهن تي ڌرڻن، احتجاجن ۽ ريلين تي 60 ڏينهن لاءِ پابندي هوندي. نوٽيفڪيشن موجب جن اهم روڊن ۽ شاهراهن تي پابندي هوندي، انهن ۾ نيشنل هاءِ وي، انڊس هاءِ وي، ريلوي اسٽيشن، ريلوي ٽريڪ ۽ ڀرپاسي جي علائقن، شهرن سان لڳندڙ روڊ، ڪراچي، حيدرآباد سپر هاءِ وي، ايئرپورٽ، اسپتالن، پورٽس، ايئرپورٽ ۽ يونيورسٽين سان لڳندڙ روڊن انٽرسٽي بس ٽرمينلز شامل آهن. اهڙي ريت ڪراچي شهر ۾ به ناردرن باءِ پاس، ماڙيپور روڊ، شاهراهه عثمان، پي اي ايف روڊ، شاهراهه فيصل کان ايئرپورٽ، لياري ايڪسپريس، حب رور روڊ، شاهراهه فيصل، شاهراهه پاڪستان، ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۽ پورٽ کان نيشنل هاءِ وي ڏانهن ويندڙ روڊ شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪمشنرز، ايس ايس پيز، رينجرز ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادا پابندي تي سختي سان عمل ڪرائين