سنڌ ۾ چوويهن ڪلاڪن دوران ڪورونا جا ٽي سئو ٽياسي ڪيس ظاهر، ٽي فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ چوويهن ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 383 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 3 مريض فوت ٿي ويا آهن مراد علي شاهه سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سٺي خبر ناهي، ڪورونا وائرس جا 383 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، 24 ڪلاڪن ۾ 383 ڪيس پهريون ڀيرون رپورٽ ٿيا آهن.هن چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض ڪورونا سبب فوت ٿيا جنهن کانپوءِ صوبي ۾ فوتين جو انگ 81 ٿي ويو آهي.هن جو چوڻ هو ته فوت ٿيندڙ ماڻهو سنڌ ۾ مريضن جي 1.8 سيڪڙو آهن جڏهن ته 41 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي جن مان 12 مريض وينٽيليٽر تي آهن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪورونا جا 3662 مريض علاج هيٺ آهن جن مان 2432 مريض گهرن ۾ آئسوليٽ آهن، ڪورونا جا 463 مريض اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪورونا جا 383 نون ڪيسن ۾ سڀ کان وڌيڪ 273 ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا آهن، وچ ضلعي ۾ 99، ڏکڻ ضلعي ۾ 80، ضلعي اوڀر ۾ 66 ڪيس آهن.مراد علي شاهه چيو ته ان کان علاوه اولهه ضلعي ۾ 20، ڪورنگي ۾ 26 ۽ ملير ۾ 10 ڪيس سامهون آيا آهن.هن چيو ته سکر ۾ 17، حيدرآباد ۾ 7، نوشهرو فيروز  ۾ 4، خيرپور ،ٺٽو، بدين، لاڙڪاڻو ۽ ڄامشورو ۾ هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو.ڪراچي ۾ ڪاروبار کولڻ جي حوالي سان مراد علي شاهه چيو ته اسان آن لائن بزنس شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي، سمورا ڪاروباري ماڻهو ايس اوپيز تي عمل لازمي طور تي ڪن.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ماسڪ پائڻ ۽ هڪٻئي سان ملڻ کان پرهيز ڪرڻ کي زندگي جو حصو بڻائن ته جيئن ڪورونا جي وبا کان پاڻ به بچي سگهجي ۽ ٻيا به محفوظ رهن.