سنڌ ۾ پاڻيءَ جو بدترين بحران، شاخن مان واري اڏامڻ لڳي،آبادگار سراپا احتجاج

ڪراچي:- سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، اڪثر  شاخن ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري آبادگارن طرفان احتجاج  جو سلسلو به جاري آهي.ان سلسلي ۾نئين آباد لڳ ڄام برانچ مان نڪرندڙ  مورياڻي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف حسين بخش ڪٽوهڙ، ڇنال مڪراني، اڪبر ڪٽوهڙ، نظام ڪٽوهڙ، محمد حسن ناريجو، شفي باجوا، چودري قيوم، غازي مگسي ۽ ٻين آبادگارن باجوا موري تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.هوڏانهن ڀٽ شاهه ڀرسان لطيف مائنر جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف آبادگارن مير خان،  الطاف علي، سجاد حسين، دريا خان، غلام قادر ۽ احسان علي ملوکاڻي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو.ٻئي طرف ميرڪ مائنر جي 5 سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ۽ پڇڙي ۾ پاڻي نه پهچڻ خلاف آبادگارن ۽ هارين هڱورجا پهچي حسن علي سيال، جهانگير سيال، علي حيدر سيال، سيد ربن شاھ، شفيق کوکر، الفت سهتو، وزير شاھ، امجد شاھ جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.ٻئي طرف فيض گنج تعلقي جي پنڌرهيو واهه ۾ آبپاشي عملدارن پاران منڍ جي با اثرن کي پاڻي وڪرو ڪرڻ جي نتيجي ۾ واهه جي پڇڙي وارن 14 واٽر ڪورسن ۾ زرعي پاڻي جي شديد قلت پيدا ٿي چڪي آهي، پڇڙي جي آبادگارن لعل بخش راڄپر، مٺل راڄپر، غلام شبير ڪورائي، علي گل چانگ، صالح دائيداڻو، صغير احمد ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. مختلف هنڌن تي احتجاج دوران آبادگارن جو چوڻ هو ته پاڻي کوٽ جا ذميوار آبپاشي عملدار آهن، اهي شاخن جي منڍ ۾ بااثرن کي پئسن تي پاڻي ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري پچڙي ۾ پاڻي پهچي نه سگهيو آهي. هنن چيو ته شاخن جي کاٽي جي مد م ايل لکين رپيا  آبپاشي وارا هڙپ ڪري وڃن ٿا. آباد گارن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آپياشي عملدار منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت وٺي هنن جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، جنهن سان پڇڙي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آھي. هنن چيو ته حڪومت ۽ آپياشي عملدار هٿ وٺي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي سازش پيا ڪن.