سنڌ ۾ وڏن ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جو فيصلو

ڪراچي : سنڌ ۾ وڏن ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ضلعن جون حدبنديون ڪري نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪابينا جي اجلاس دوران ميمبرز طرفان خيرپور کي به ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪياماڙي ضلعي ۾ سائيٽ، بلديه، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل هوندا، اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته هن وقت ڪراچي اولهه ۾ 7 سب ڊويزنس آهن، جِن ۾ منگهوپير، سائيٽ، بلديه، اورنگي، مومن آباد، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل آهن، ڪراچي اولهه جي مجموعي آبادي 39 لک، 14 هزار 757 آهي، آبادي جي حساب سان اولهه ضلعو سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي، وڏي وزير ڪابينا آڏو تجويز رکي ته ڏکڻ ضلعي کي ڊسٽرڪٽ ڪراچي جو نالو ڏنو وڃي، ڪراچي جي ضلعن کي اُتان جي مشهور علائقن جا نالا ڏنا وڃن.