سنڌ ۾ هندو برادري طرفان هولي ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو

ڪراچي : پوري ملڪ جيان سنڌ ۾ به هندو برادري طرفان هولي ڏڻ جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سانگهڙ، هڱورجا، خيرپور، ٺاروشاهه ۽ ٻين شهرن ۾ هولي ملهائي وئي، هڱورجا ۾ به هندو برادري طرفان وڏي جوش ۽ جذبي سان هولي ڏهاڙو ملهايو ويو، هندو برادري پاران هڪٻئي کي رنگ هڻي خوشي جو اظھار ڪيو ويو، هندو برادري جي مٺو، ھري چند، منٺار، چندر، ليلا، خانزادي ۽ راڻي ڳالهائيندي چيو ته اسان اڄ هولي جي ڏھاڙي جي حوالي سان تمام گهڻا خوش آھيون، ڇو ته هولي هندو مذھب جي هڪ وڏي عيد آھي جنهن ڏينهن جو اسان پورو سال انتظار ڪندا آھيون. ٺاروشاھه ۽ آسپاس ۾ پڻ باگڙي برادري پاران هولي ڏڻ ملهايو ويو، رنگا رنگ تقريبون ٿيون، مٽڪا ڀڃي هڪٻئي کي رنگن سان رنڱيو ويو، جهمريون پڻ هنيون ويون، تقريبن ۾ ٻارن، عورتن ۽ نوجوان ڇوڪرين شرڪت ڪئي. هر پاسي خوشي جي بهار نظر آئي. پوري سنڌ جيان سانگهڙ ۾ هندو برادري جا نوجوان به هولي جي رنگن ۾ رنڱجي ويا، هندو برادري پاران هولي جي ڏهاڙي تي خوشي ۾ هڪٻئي مٿان رنگ هڻي پنهنجي مذهبي عيد ملهائي رهيا آهن، جڏهن ته هولي جي موقعي تي ايڪوسائونڊ ۽ دهل تي جهمريون پائي هولي جون خوشيون ملهائي رهيا آهن، ڪنڌرا ۾ هندو برادري جي سوين نوجوانن مکي لڌو مل، ڪريانا مرچنٽ جي صدر ارجن مل ۽ ٻين پريس ڪلب ڪنڌرا پهچي هولي جو ڏڻ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو. ڪوٽ غلام محمد ۽ ڀر پاسي وارن علائقن ۾ پڻ هندو برادري طرفان هولي ڏڻ ملهايو ويو، ڪوٽ ميرس، ڏهون ميل، بشير آباد، ڪراچي هوٽل، پچاڻ موري، ڊينگاڻ، ناصر موڙ ۽ ٻين علائقن ۾ هندو برادري طرفان هولي ڏڻ ملهايو ويو، مختلف هنڌن تي مندرن ۾ پوڄا پاٽ ڪئي وئي، رنگا رنگي پروگرام منعقد ڪيا ويا.