سنڌ ۾ نقطه نگاهه جو ٽڪراءُ: ليکڪ ديدار شام

7 اپريل ڏک، درد، پيڙاءُ، وڍ  ۽ تڪليف ڏيندڙ ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي سنڌ جي ارڏي پٽ ۽ سنڌي قوم جي “وڏي” بشير خان قريشي جو وڇوڙو ٿيو!جيڪو وڇوڙو هڪ رٿا ۽ سازش جو نتيجو هو..!اهو ڏينهن سنڌ مٿان ڄڻ ڪربلا جو ڏينهن هو.! هر ماڻهو بي جان بت بڻجي ويو هو! هن جي روح سان گڏ ڄڻ سنڌ جو روح به گهڙي کن لاءِ پرواز ٿي ويو هو.. !هر ماڻهو بي جان ۽ هر شيءَ بي رنگ ۽ ٻُسي ٿي پئي هئي..!چانڊوڪي جي رات هن جي شهادت واري خبر کان پوءِ اونداهي ۾ تبديل ٿي وئي هئي.!ساري سنڌ هن جي وڇوڙي جي خبر ٻڌي آڌي رات جو ئي ڇرڪ ڀري اُٿي پئي هُئي..!هي صوفي منش ماڻهو هو، جنهن وٽ ڏيڻ لاءِ رڳو پيار، محبت هو، نفرت ۽ نقاق کان اصل پري هو، هي رواداري جو قائل هو، هن ۾ انتها پسندي ذري جي به ڪا نه هئي، هي وڏي واڪي چوندو هو ته“عشق سارو اسلام، مذهب محبت عين مبارڪ”هن سنڌ ۾ ذات پات جي چڪر ۾ جهيڙيندڙ ڌرين ڏي ميڙ منٿ جا قافلا وٺي وڃي ڌرين کي پاڻ ۾ سرچايو ۽ پرچايو پئي، هن وٽ سن جي سيد جو خاص پيغام هو جيڪو هن سنڌ جي هر ڳوٺ واهڻ، وستي ۽ شهر شهر ۾ پهچايو پئي، هن ماڻهن کي پنهنجا حق وٺڻ سيکاريو، ماڻهن کي روڊن رستن تي احتجاج ڪرڻ سيکاريو، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي ماڻهو هر ناانصافي خلاف روڊن تي نڪري ڌرڻا هڻي احتجاج ڪري رهيو آهي.هي صوفين درويشن ،عالمن جي فڪر فهم جو پرچارڪ هو هن سان گڏ صوفين جي سرتاج شاھه لطيف جي عرس مبارڪ تي لطيف سائين جي حضور ۾ حاضر ٿي مٿس چادر چاڙهي قومي سلامي لاءِ پيش ٿيڻ جو شرف حاصل ڪندو هو، صوفي شاھه عنايت شهيد جي وري وچئين ڏهاڙي تي شهيد سان گڏ صوفي جي آسڻ تي وڃڻ ٿيندو هو.

چوڻ جو مطلب ته شهيد بشير خان قريشي صوفي منش ماڻهو هو جيڪو نه رڳو سنڌ جي صوفين جي فڪر جو پرچارڪ هو پر انهن جي آسڻ تي وڃي کين+ سلام به ڀريندو هو ۽ سندن تعليمات جي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي پرچار ڪندو به هو.   اڄ سندس نائين ورسي جو ڏينهن آهي ۽ سنڌ ۾ نظرياتي ۽ مذهبي عقيدي سبب انتها پسندي ۽ انتشار ڦهليل آهي!ان قسم جي رجحان تي سائين جي ايم سيد ڪتاب سنڌي ڪلچر جي صفحي 15 تي لکيو آهي ته..“قديم زماني کان نظرين ۽ عقيدن موجب ماڻهن جو رجحان ٻن طرفن  جو پئي رهيو آهي، هڪ گروهه جو رجحان ماڻهن کي مختلف مذهبن، فرقن، نظرين، قومن ۾ ورهائي جدا ڪري محدود دائري اندر سندن ترقي ۽ تڪميل لاءِ پئي رهيو آهي، ٻئي گروھه جو رحجان انسان ذات کي اتحاد جي ڏوريءَ ۾ پوئي هڪ ڪرڻ جي طرف پئي رهيو آهي”ساڳئي  ڪتاب ۾ صفحي 16 تي سائين جي ايم سيد وڌيڪ چٽي ۽ واضح نموني لکي ٿو ته…“پهرين گروهه سندن نظرين، عقيدن، مذهبن، فرقن کي مڪمل ۽ مهذب ڄاڻي ٻين پٺتي پيلن جي رهبريءَ جو حقدار پئي سمجهو آھي ۽ جملي انسان ذات کي پنهنجي نقط نگاھه طرف ڇڪڻ ۾ انساني نجات پئي سمجهي اٿس، جڏهن ته  ٻئي گروھه کي وحدت الوجود جو پتو پئجي ويل هو ان ڪري هن ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت پرکي هئي، تنهن ڪري هنن ڪثرت مذاهب پويان وحدت پرکي، ان جو پرچار ڪيو ٿي، جنهن مان اتحاد انساني، امن ۽ ترقي بني آدم حاصل ٿي سگهي.”سائين جي ايم سيد جي تعليمات مان اهو چٽو ٿي ويو آهي ته هي معاملو اڄ جو ناهي، هي مسئلو قديم زماني کان هلندڙ آهي، جيڪو هن جديد دور ۾ به وڏي شدت سان پنهنجو وجود رکي ٿو، جنهن جو لقاءُ پنهنجي نقطه نگاهه کي قبول ڪرائڻ جي منظر ۽ شڪل ۾ ڏسي رهيا آهيون، تنهن ڪري ان صورتحال مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صوفين، درويشن، عالمن، دانشورن، ڏاهن جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي،جنهن جي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ ليڪچر، قومي ڪچهريون، صوفين، عالمن، درويشن، قومي اڳواڻن، سياسي ڪارڪن جي ڏهاڙن کي خاص اهميت ڏئي انهن ڏهاڙن ۾ شريڪ ٿيندڙ ماڻهن جي اصلاح ۽ تربيت ڪرڻي پوندي. اڄ جيئن ته بشير خان قريشي جي شهادت جو ڏهاڙو آهي، تنهن ڪري سندس گروھه، سوچ، فڪر وارن ماڻهن کي سندس شهادت واري ڏهاڙي تي سندس مزار تي اچي  سلامي ڀرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته شهيد جي ورسي ۽ جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ خود انتها پسندي کي رد ڪرڻ آهي، ان سان پنهنجي گروھه جي سوچ، فڪر، تعليمات ۽ نقطه نگاهه جي سوڀ ٿيندي،ڇاڪاڻ جو پاڻ کي رڳو پنهنجو نقطه نگاهه ناهي بچائڻو پر ان سان گڏ سنڌ کي به بچائڻو آهي، پنهنجي نقطه نگاهه کي بچائڻ جي چڪر ۾ سنڌ کي ڪنهن انتشار جي باھه ۾ ناهي ڌڪڻو، پاڻ کي سنڌ جي مالڪي واري ڳالھه سان جوڙي رکڻو آهي.سنڌ خاطر شهيد بشير خان قريشي سميت ڪيئي ڄڻا پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليا ويا، هاڻي اسان جي ڪردار جو وارو آهي، جيڪو پاڻ کي نڀائڻو پوندو. اسان کي وڏو ڇال ڏيڻ يا ڪو وڏو ڪارنامو ڏيکارڻ جي ڪا به ضرورت ناهي، فقط پنهنجي اصل شڪل، شبيھه پنهنجي نقطه نگاهه سان گڏ پنهنجي سنڌ کي به بچائڻو آهي، سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، اسان وٽ جذبات آهي پر جذبات ۽ جوش سان گڏ هوش جي به ضرورت آهي،سنڌ سياسي جدوجهد سان بچي سگهي ٿي، تنهن ڪري اسان کي سياسي محاذ سگهارو ڪرڻ جي ضرورت آهي