سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نه ڪرائڻ جو اعلان، شاگردن کي پروموٽ ڪرڻ جو فيصلو

1061752

ڪراچي :- سنڌ سرڪار صوبي ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي اهڙو اعلان ڪيو ۽ وڌيڪ چيو ته ميٽرڪ ۽ انٽر جي شاگردن کي پروموٽ ڪيو ويندو، سعيد غني جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ميٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نه ٿيندا، شاگردن جو به خيال آهي، شاگردن کي پرسنٽيج جي بنياد تي پاس ڪيو ويندو، هن چيو ته شاگردن کي پروموٽ ڪيو ويندو، نائين جو شاگرد رزلٽ بنياد تي ڏهين جماعت ۾ ويندو، ڏهين جو يارهين ۽ يارهين جو ٻارهين ڪلاس ۾ ويندو، هن چيو ته سمورن شاگردن کي 3 نمبر اضافي ڏنا ويا آهن، هڪ يا ٻن پيپرز ۾فيل ٿيندڙن کي پاسنگ مارڪون ڏنيون وينديون، 60مارڪن واري شاگرد کي 63 مارڪون ڏينداسين، هن چيو ته اسان يونيورسٽيز ۽ ايڇ اي سي سان به رابطي ۾ آهيون. سعيد غني جو چوڻ هو ته امتحان نه وٺڻ جو فيصلو سنڌ حڪومت جي تعليمي اسٽيئرنگ ڪميٽي ڪيو آهي ۽ ٻارن کي اڳئين جماعت ۾ پروموٽ ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، ان سلسلي ۾ شاگردن کي اڳئين جماعت ۾ پروموٽ ڪرڻ جي لاءِ قانون تبديل ٿيندو، ڇو ته امتحاني بورڊ جي موجوده قانون جي تحت شاگردن کي بغير امتحان پروموٽ نٿا ڪري سگهون، تعليم واري وزير ٻڌايو ته شاگردن جي پرسنٽيج تبديل ڪئي ويندي ته جيئن انهن کي اڳئين ڪلاس ۾ داخلا وٺڻ ۾ پريشان نه ٿئي، هن چيو ته اسڪولن کي بند نٿو رکي سگهجي، ٻارن جي تعليم کي به ڏسڻو آهي، ان جي ڪري ڪجهه ڏينهن ۾ آن لائن تعليمي نظام طرف وڃي رهيا آهيون، جنهن جو جلد اعلان ڪيو ويندو.