سنڌ ۾ ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ يا پگهار بند ڪرڻ غيرقانوني قرار، آرڊيننس لاڳو

ڪراچي :- گورنر عمران اسماعيل سنڌ رليف آرڊيننس منظور ڪري وڏي وزير ڏانهن اُماڻي ڇڏيو، جيڪو فوري طور تي رليف آرڊيننس پهرين اپريل کان لاڳو ڪيو ويو آهي، آرڊيننس موجب جيڪي خاندان 50 هزار رُپين کان گهٽ مسواڙ واري گهر ۾ رهن ٿا، اُهي في الحال مسواڙ نه ڀريندا، 80 گز تائين گهر لاءِ پاڻيءَ جي ڪنيڪشنز تي بل جي ادائگي به في الحال ملتوي ڪئي وئي آهي، آرڊيننس تحت سنڌ ۾ ملازم کي نوڪري مان ڪڍڻ يا پگهار بند ڪرڻ غيرقانوني قرار هوندو، جڏهن ته شهرين، دڪاندارن، فيڪٽري مالڪن سميت هر ماڻهو  لاءِ  احتياطي اپاءَ لازمي قرار ڏنا ويا آهن، وبائي مرض ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 10 لک رپيا ڏنڊ لاڳو ٿيندو آهي، تعليمي ادارا في جي مد ۾ 20 سيڪڙو رعايت ڏيڻ جا پابند هوندا، 50 هزار کان گهٽ گهرن جي مسواڙ نه ڏيندا، بيواهه مالڪياڻي ۽ بزرگ شهري پابندي کان آجا هوندا ، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ وبائي مرضن بابت ترميمي ايڪٽ لاڳو ٿي ويو آهي، وبائي مرض بابت ايڪٽ جي ڀڃڪڙي تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ وڌو ويندو.