سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 10 ڏينهن گذري ويا، پورهيت طبقو روزگار نه هجڻ ڪري پريشان، سنڌ سرڪار کاڌ خوراڪ نه پهچائي سگهي

ڪراچي :- سنڌ ۾ لاڳيتو ڏهين ڏينهن به لاڪ ڊائون هجڻ ڪري ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ڪاروبار بند آهي، سنڌ حڪومت هن وقت تائين پورهيت طبقي کي کاڌ خوراڪ نه پهچائي سگهي، لاڪ ڊائون تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج، رينجرز ۽ پوليس جو گشت جاري آهي. ملير جي مختلف علائقن قائد آباد، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون، پپري، ڀينس ڪالوني ۽ شاھ لطيف جي علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي، رينجرز ۽ پوليس پاران ايندڙ ويندڙ ماڻھن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي. نوشهروفيروز ۾ ضلعي انتظاميه لاڪ ڊائون جي 10 ھين تي سختي ۾ اضافو ڪندي ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جا دڪان به بند ڪرائي ڇڏيا جنهن سان شھر ۾ خوف ۽ حراس وڌي ويو آهي. هالا ۾ دڪاندارن جو صبر ٽٽي ويو، پنهنجو ڪاروبار کوليندي شهر ۾ لاڪ ڊائون جي تصور کي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏيو. مارڪيٽ چوڪ جا سمورا دڪان کلڻ جي ڪري عوام جي تمام گهڻي رش لڳي وئي، ضلعي انتظاميا توڙي پوليس ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي. حيدرآباد ۾ به ڀاڄين توڙي فروٽن ۽ کاڌي پيتي جي دڪانن تي شهرين جي رش لڳي وئي، ٽنڊومحمدخان ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جا مک علائقا بند آهن، جناح باغ چوڪ، بندر روڊ، ريشم گلي، شاهي بازار، سميت ٻين علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ رستا بند ڪيا ويا، لاڪ ڊائون سبب بي روزگار ٿيل مزدور طبقي کي راشن نه مليو آهي. مٺياڻي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ بند ۽ روڊ رستا ويران بڻيل آهن، دوڙ شھر ۾ اڄ به لاڪ ڊائون برقرار آهي ميڊيڪل اسٽورز، اسپتالون، سبزي، مڇي مرغي جي دڪانن کانسواءِ سمورو ڪاروبار بند آهي. نوشهروفيروز، پانڌي، ڪوٽ لالو، خانواهڻ کپرو ۽ سنڌڙي شھر مڪمل طور بند آهي، روز ڪمائي کائڻ وارا بيروزگاري سبب گھرن ۾ فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويا. ڪرمپور،کڏڙو، فيض گنج، قاضي احمد ۽ ميهڙ ۾ به لاڪ ڊائون هجڻ سبب کير، ڏهي ،ڀاڄين ۽ ميڊيڪل اسٽورز کان علاوه سڄو ڪاروبار بند آهي. ٽنڊوڄام ۾ لاڪ ڊائون سبب بازارون ۽ شاپنگ سينٽر ويران بڻيل آهن، دادو، سجاول ڪنڌڪوٽ، ميرپور خاص، وارهه ۽ ٻين شهرن ۾ به لاڪ ڊائون سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند آهن. غوثپور، مٺياڻي، جمال شاھ، قاضي احمد، دريا خان مري، ڳڙهي خيرو کڏڙو ۽ گڊو ۾ڪاروباري مرڪز بند ۽ ماڻهو گهرن تائين محدود آهي، ميهڙ ۽ هالا ۾ پگهارون وٺڻ لاءِ سرڪاري ملازمن جو وڏو هجوم لڳي ويو، بئنڪن ٻاهران ضعيف پينشنر پريشان ٿي ويا، هجوم هٽائڻ لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا.