سنڌ ۾ شراب جي گتن تي بندش, 14 اپريل تائين بند رکڻ جو حڪم

ڪراچي:- سنڌ ۾ شراب جي گتن جي بندش ۾ ٽيهر واڌ، گُتا هاڻي 15 اپريل تي کلندا، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن اينڊ نارڪوٽيڪس کاتي جي ڊي جي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ شراب جا گتا ۽ هول سيل جا دڪان ڪورونا وائرس جي تازي صورتحال سبب هاڻي 14اپريل تائين بند رهندا، جيڪي وري 15 اپريل تي کلندا. واضح رهي ته سنڌ حڪومت طرفان شراب جي دڪانن جي بندش ۾ هي ٽيهر واڌ ڪئي وئي آهي، 2 اپريل تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت گُتا 10اپريل تي کلڻا هئا، هاڻي وري هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري گُتا 14 اپريل تائين بند رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.