سنڌ ۾ سڪيورٽي خدشن سبب نائين ۽ ڏهين محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو

KARACHI, PAKISTAN, JUL 15: Residents of Karachi pillion ride on motorcycles after lifted ban on pillion riding on Friday, July 15, 2011. Sindh Government lifted the ban on pillion riding in Karachi on Friday as the situation in the city returned to normalcy. (Rizwan Ali/PPI Images).

ڪراچي :- سڄي سنڌ ۾ سڪيورٽي خدشن سبب نائين ۽ ڏهين محرم تي موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو، سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ پهرين محرم الحرام کان 10 هين محرم الحرام تائين قلم 144 لاڳو هوندو، جڏهن ته نائين ۽ ڏهين محرم تي سڄي صوبي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو هوندي. ماتمي جلوسن ۽ مجلسن کانسواءِ 5 ماڻهن جي گڏجڻ ۽ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي. اعتراض جوڳي وال چاڪنگ، بينرز ۽ پوسٽز لڳائڻ تي به پابندي مڙهي وئي آهي.