سنڌ ۾ سڀاڻي کان 9 کاتن جون آفيسز کُلي وينديون

ڪراچي : سنڌ سرڪار وڌيڪ 9 سرڪاري کاتن جي آفيسن کي کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اوقاف، مذھبي معاملن ۽ عشر زڪوات، انساني حقن، صنعت، واپار، انفارميشن ٽيڪنالوجي، اقليتن وارو کاتو، يونيورسٽيز اينڊ بورڊ جون آفيسون به کوليون وينديون ان سان گڏ سيڙپڪار بورڊ، ورڪس اينڊ سروسز ۽ سوشل ويلفيئر کاتي جون آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري اڄ کان آفيسون کولڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. آفيسون کولڻ لاء گهروکاتي قاعدا ۽ ضابطا پڻ جاري ڪري ڇڏيا.