سنڌ ۾ سرڪاري گودامن مان 5 ارب 35 ڪروڙ رپين جي ڪڻڪ غائب

سکر :- سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ سرڪاري گودامن مان منتقلي دوران 5 ارب 35 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪڻڪ غائب هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊي جي نيب سکر طرفان سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ جي غائب ٿيڻ واري معاملي جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب سکر، لاڙڪاڻي، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ سرڪاري گودامن مان ڪڻڪ غائب ٿي. ان کان سواءِ نواب شاهه، سانگهڙ، ڪشمور ۽ قمبر شهداد ڪوٽ ضلعن جي سرڪاري گودامن مان به ڪڻڪ غائب ٿي. نيب جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ جي 9 ضلعن مان 1 لک 64 هزار 797 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ سرڪاري گودامن مان غائب ٿي. ڊي جي نيب سکر جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سرڪاري گودامن مان غائب ٿيل ڪڻڪ جي ماليت 5 ارب 35 ڪرور 50 لک رپيا بڻجي ٿي. رپورٽ ۾ اِهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 22 هزار 44 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ڪراچي رواني ڪئي وئي پر گودامن ۾ ناهي پهتي، ڪراچي موڪليل ڪڻڪ جي ماليت 74 ڪروڙ 56 لک 80 هزار رپيا آهي. ڊي جي نيب موجب پلي بارگين قانون جي تحت ملز مالڪن ۽ بين ماڻهن کان 2 ارب 11 ڪروڙ 20 لک رپيا وصول ڪيا ويا آهن جڏهن ته سکر ۽ خيرپور جي 4 جوابدارن کان ڊيفالٽ چيڪ جي مد ۾ 8 ارب 12 ڪروڙ 60 لک رپيا وصول ٿيا. نيب رپورٽ موجب ڪڻڪ جي گهوٻين ۾ خوراڪ کاتي جا آفيسر ۽ ٻيا ماڻهو ملوث مليا، ڪڻڪ چوري بابت احتساب عدالت سکر ۾ 4 ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن.