سنڌ ۾ سانوڻي جو ٽئين ڏينهن به وسڪارو، ڪرنٽ لڳڻ سبب 6 ڄڻا فوت

ڪراچي:- ڪراچي ۾ مسلسل ٽئين ڏينهن ڪٿي هلڪو ته ڪٿي تيز مينهن وسيو جڏهن ته ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ائين ٽن ڏينهن ۾ فوت ٿيلن جو انگ 15 ٿي ويو. ريسڪيو اختيارين موجب ناگن چورنگي مسلم ٽائون ۾ گهر ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارڙو فوت ٿي ويو جڏهن ته ناگن چورنگي جي ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ سبب 30 سالن جو شخص فوف ٿيو. ڪارساز روڊ تي بجلي جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويو، ماڊل ڪالوني جي هڪ گهر ۾ ڪم دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو. ان کان سواءِ ڪريم آباد ۾ ڪم دوران مزدور ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان ڪارساز ڪراچي تي موٽر سائيڪل سوار جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارساز ڪراچي جي واقعي بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، ڪي اليڪٽرڪ جون لاڳاپيل ٽيمون واقعي واري هنڌ موجود آهن. هوڏانهن حيدرآباد ۾ سانوڻي جي برسات جو وسڪارو. انتظاميه جي پت پهرين هلڪي برسات ۾ ئي وائکي ٿي وئي.حيسڪو جا 45 فيڊر بند ٿي ويا. قاسم آباد. لطيف آباد. حيدرآباد سٽي ۽ ٻهراڙي جي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. شهر جي اڪثر علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو. حيدرآباد ۾ رات جو سانوڻي جي برسات جو وسڪارو ٿيو. برسات سبب شهر جي هيٺانهين وارن علائقن ۽ روڊن رستن تي برساتي پاڻي بيهي ويو. جنهن سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. منهڙي، دولتپور صفن، ٿاڻو بولا خان، دريا خان مري ۽ ٻين شهرن ۾ برسات پئي جنهن دوران موصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو،