سنڌ ۾ رينجرز جي وڌيڪ 90 ڏينهن جي توسيع ڪري ڇڏي

ڪراچي :-  سنڌ ۾ رينجرز جي خصوصي اختيارن ۾ وڌيڪ 90 ڏينهن جي توسيع ڪري ڇڏي آهي.سنڌ جي گهرو کاتي جي نوٽيفڪيشن موجب رينجرز جي خصوصي اختيارن جي مدت ۾ 6 جولاءِ کان 3 آڪٽوبر تائين توسيع ڪئي وئي آهي.انسداد دهشتگردي ايڪٽ تحت رينجرز کي ڇاپن ۽ گرفتاري جا خصوصي اختيار حاصل هوندا.