سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ ماڪڙ بلوچستان کان ٿيندي پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا پهچي وئي :قومي ايمرجنسي ڊڪليئر

اسلام آباد :- سنڌ ۾ تباهي مچائيندڙ ماڪڙ بلوچستان کان ٿيندي پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا پهچي وئي، وفاقي سرڪار کي نيٺ ماڪڙ جي تباهڪارين جو انداز ٿي ويو، قومي ايمرجنسي ڊڪليئر، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اجلاس دوران ماڪڙ جي تباهڪارين ۽ ان جي خاتمي جي حوالي سان مختلف آپشنز تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس بعد وزيراعظم جي خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ذريعي ٻڌايو ته اجلاس دوران ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ قومي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪندي ماڪڙ جي خاتمي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ۽ وفاقي سطح جي ڪميٽي جوڙڻ جي به منظوري ڏني وئي، جنهن جي سربراهي سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ڪندو ۽ چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽر ميجنيميٽ اٿارٽي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو. واضح رهي ته ماڪڙ گذريل ڪيتري ئي عرصي تائين سنڌ جا فصل کائي ناس ڪيا، جنهن بعد ماڪڙ جا ولر بلوچستان ۾ تباهي مچائڻ بعد پهريون ڀيرو خيبرپختونخوا پهچي ويا آهن. ماڪڙ جي تباهڪارين سبب ملڪ کي زراعت جي شعبي ۾ وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي، خاص ڪري غريب هاري ۽ آبادگار معاشي بدحالي جي ور چڙهي ويا آهن.