سنڌ ۾ برسات جا راڱا: وڄِ ڪرڻ سبب 25 کان وڌيڪ ماڻهو فوت رڳو ٿرپارڪر ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو 18 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، وڏي انگ ۾ چوپايو مال به مري ويو

ڪراچي : سنڌ ۾ سياري جي شروعاتي ڏينهن واري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، عورتن ۽ معصوم ٻارن سوڌو 25 کان وڌيڪ ماڻهو رڳو وِڄون ڪرڻ جي واقعن ۾ حياتيون وڄائي ويٺا آهن. رڳو ٿرپارڪر ضلعي ۾ 18 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات توڙي وِڄن وڏي تعداد ۾ چوپايو مال به ماري ڇڏيو آهي. رڳو ٿرپارڪر ضلعي ۾ ڳڙي سان برسات دوران وِڄوڻ ڪرڻ سوڌو ٻين واقعن ۾ 18 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا.ڇاڇري ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات دوران تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ وِڄـُون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتن ۽ هڪ ٻار سوڌو 10 ڄڻا فوت ٿي ويا، 2 عورتون به زخمي ٿي پيون. وِڄ ڪرڻ سبب هڪ سئو کان وڌيڪ چوپايو مال به مري ويو.اسلام ڪوٽ ۾ گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات پئي آهي، جتي به مختلف ڳوٺن ۾ وِڄيون ڪرڻ جا واقعا پيش آيا. جتي هڪ ناري فوت ۽ 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ساڪري ۾ تيز برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب 3 ڍڳيون، 2 اُٺ ۽ 30 کان وڌيڪ ٻڪريون مري ويون.چيلهار ۽ ڀرپاسي رات کان ڳڙي سان برسات پوڻ دوران وڄون به ڪريون، جنهن جي نتيجي ۾ نينگر سوڌو 3 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ماءُ ڌُيءُ زخمي ٿي پيون. چيلهار ۾ وڄون ڪرڻ جي نتيجي ۾ پنج ٻڪريون، هڪ مور ۽ 2 اُٺ مري ويا. برسات دوران گجگوڙ ۽ وِڄون ڪرڻ سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ قرآن پاڪ جو ورد ڪرڻ لڳا. اُن کانسواءِ مٺي، ڏيپلو ۽ ننگر پارڪر ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.اڇڙي ٿر ۾ به گجگوڙ ۽ ڳڙي سان برسات راڱا ڪيا آهن، جتي يو سي راڻڪ ڏهر جي مختلف ڳوٺن ۾ وڄوڻ ڪرڻ سبب ماءُ ڌيءُ سوڌو 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.ٺڪراٺو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پئي آهي، ڳوٺ ابراهيم مهر ۾ ڌنارن مٿان وِڄ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته 4 ٻڪريون به مري ويون. تنگواڻي ۾ وقفي وقفي سان گجگوڙ سان برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب هڪ نوجوان فوت ٿي ويو. خانپور ۽ ڀرپاسي گجگوڙ سان برسات کانپوءِ بجلي ۽ مواصلاتي نظام ڊانواڊول ٿي ويو، وِِڄ ڪرڻ سبب ڪاٽن فيڪٽري ۾ رکيل ڪپهه سڙي وئي، ميرپور ماٿيلو ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات پئي، جان محمد سوسائٽي ۾ وِڄ ڪرڻ سبب نوجوان فوت ٿي ويو.ڪراچي، ڪشمور، جيڪب آٻاد، مورو، کاهي، داد لغاري، وارث ڏنو ماڇي ٻين علائقن ۾ به وقفي وقفي سان برسات پئي آهي، ڪٿي گجگوڙ ۽ ڪٿي ڳڙي سان برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، اُن کانسواءِ روڊ رستن سوڌو هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، برسات جي نتيجي ۾ بجلي ۽ مواصلاتي نظام به ڊانواڊول ٿيو آهي.