سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، ڪچا گهر ڊهي پٽ، مواصلاتي نظام درهم برهم

ڪراچي :- سنڌ ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، بجليءَ جو ڪرنٽ لڳڻ، وڄ ڪرڻ ۽ ٻين حادثن ۾ 7 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، طوفاني برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ. تفصيل موجب ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو. جڏهن ته انتظاميه جي نااهلي سبب شهرين جي زندگي عذاب هيٺ اچي وئي آهي. موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن کان هينئر تائين سڀني کان وڌيڪ برسات نارٿ ڪراچي ۾ 55 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ان کان علاوه ڪراچي جي علائقي صدر ۾ 42، جناح ٽرمينل ۾ 41.8 يونيورسٽي روڊ 38 ۽ ڪياماڙي ۾ 32.2 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته سڀني کان گهٽ برسات مسرور بيس تي صرف 2 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن پوندڙ برسات سبب روڊ ندي نالن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جڏهن ته هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. شهر جي مختلف روڊن تي برسات جو پاڻي بيٺل آهي ان کان علاوه يونيورسٽي روڊ، راشد منهاس روڊ، ڪورنگي روڊ، شهيد ملت ايڪسپريس وي سميت ٻيا روڊ متاثر آهن. جڏهن ته گذريل ڏينهن ٿيندڙ برسات سبب قيوم آباد چورنگي، نيپا، فور ڪي چورنگي تي برسات جي پاڻي سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي. مون سون برساتن جي ٽئين اسپيل هڪ دفعو ٻيهر شهرين جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي سورجاني ٿاڻي جي حد لياري ايڪسپريس ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال لاءِ کوٽيل اونهي کوھ ۾ وهنجندي 51 سالن جو نوجوان عبدالله پٽ ميرافضل ٻڏي فوت ٿي. جڏهن ته گلشن معمار ڀرسان جونجهار ڳوٺ ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 سالن جو فضل نبي پٽ ھوش محمد فوت ٿي ويو. ٻنهي فوتين جا لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائيءَ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. ٿرپاڪر ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي گهٽ ته ڪٿي وڌيڪ برسات پوڻ ۽ وڄ ڪرڻ جا واقعاپيش آيا. ڪلوئي تعلقي جي ڳوٺ موجايو ۾ وڄ ڪرڻ سبب 3 ڄڻا 15 ورهين جو ياسين نهڙيو ۽ 14 ورهين جو ممتاز نهڙيو ۽ ڏيپلي جي ڳوٺ ارجڪ ۾ پرمان زال ارجڻ ٺڪر فوت ٿي ويا. جڏھن ته ڇاڇرو جي ڳوٺ رڙيارو ۾ جهنگ اندر 4 ڏاچيون ۽ ڳوٺ پڌريو مورا ڀرسان هڪ ڳئون وڄ ڪرڻ سبب سڙي مري ويون. ٺٽي ضلعي اندر سانوڻي مند جي پيل ٻئي وسڪاري کانپوءِ ٺٽي شھر سميت ضلعي جا اڪثر ھيٺائين وارا علائقا برساتي پاڻي ھيٺ اچي ويا. ٺٽي شھر جي شاھي بازار، ڊاڪٽر گلي، ڪچي آبادي، بابو شاھ درگاھ، مڇارا گلر سميت ھيٺائين وارن علائقن ۾ رات کان جاري برسات سبب ڪٿي 4 فوٽ ته ڪٿي 5 فوٽ کان مٿي پاڻي بيھجي ويو. جنگشاھي ڀرسان ڳوٺ رودين جوکيو ۾ ھڪ گھر مٿان آسماني بجلي ڪِري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو رمضان ولد مڱيو جوکيو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. راڌڻ ۾ ايل پي جي گئس جي ڊيلر جي دڪان ٻاھران لڳل موٽر جي شارٽ سرڪٽ سبب شاھ پنجو سلطان جو رھواسي 18 ساله مبشر پٽ محمد خان سومرو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. لاش راڌڻ اسپتام ۾ آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪيو. نئون ديرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو. برسات پوڻ ڪري هڪ طرف  موسم خوشگوار ٿي وئي آھي، جنهن ڪري ماڻھو گهرن کان ٻاهر نڪري موسم جو مزو ماڻيندا رهيا ته ٻئي پاسي شھر جي روڊ رستن تي گپ گرچلو هجڻ ڪري شھري تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آھن ۽ بجليءَ جو نظام درهم برهم ٿيڻ ڪري شھر توڙي ڀرپاسي جي علائقن جي بجلي 7 ڪلاڪن بعد بحال ڪئي وئي. هوڏانهن نئون ديرو ڀرسان پير متارو ڳوٺ وٽ نم جي وڻ تي وڄ ڪرڻ سبب وڻ ھيٺان موجود مينهون چاريندڙ 2 نوجوان ضمير ابڙو ۽ ظھير ابڙو زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻا علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال کڻائي آيا جتي ضمير ابڙو بيهوشي واري حالت ۾ ھجڻ ڪري فوري طبي امداد ڏئي کيس هوش ۾ آندو ويو، جڏھن ته ٻيو زخمي ظھير ابڙو معمولي زخمي هو جيڪو کنوڻ ڪرڻ ڪري خوف ۽ حراس سبب وائڙائپ جو شڪار هو. اسلام ڪوٽ ۾ برسات دوران  ميگهواڙ پاڙي ۾ ماستر موهن جي گهر تي وڄ ڪرڻ سبب سندن پوٽو 9 ورهين جو درشن ميگهواڙ بيهوش ٿي پيو.جنهن کي صحت مرڪز ۾ داخل ڪيو ويو،جيڪو صحتياب ٿيڻ بعد اسپتال کان فارغ ڪيو ويو آهي. حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، مٽياري، قمبر، سجاول، بلڙي شاهه ڪريم، گهوڙاٻاري، تلهار، چوهڙ جمالي، اسلام ڪوٽ، پنو عاقل، ڄام نواز علي، پکو، ٽنڊو ڄام، لکي غلام شاهه ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪو مينهن وسيو. تيز وسڪاري سبب مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، جڏهن ته برسات جو پاڻي روڊن تي بيهڻ ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿيڻ سبب رهواسي ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا.