سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 66 نوان ڪيس سامهون , وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا

ڪراچي :- سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي  سنڌ ۾ اڄ وڌيڪ 66 نوان ڪيس سامهون آيا آهن ۽ وڌيڪ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، سنڌ ۾ هيل تائين 35 ماڻهو ڪوروناوائرس سبب فوت ٿي ويا آهن، موبائيل ٽيمن ڪراچي جي ڪچي آبادين ۾ 1700 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا آهن، جنهن جا سڀاڻي تائين نتيجا اچي ويندا. جاري ڪيل وڊيو پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ڳڻتي جي ڳالهه آهي ته فوت ٿيندڙن جي شرح 2 ڏهائي 3 آهي،هن وقت 671 مريض گهرن ۾ آئسوليشن ۾ آهن، 58 مريض آئسوليشن مرڪزن ۾ علاج هيٺ آهن. وڏي وزير چيو ته 227 مريض مختلف اسپتالن۾ علاج هيٺ آهن، اڄ وڌيڪ 8 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. وڏي وزير چيو ته سکر مان 280 زائرين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي هئي، هاڻي سواءِ 6 ماڻهن کان ٻيا ماڻهو پنهجي گهر هليا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي ۾ شديد متاثر علائقن کي سيل ڪيو ويو آهي،انهن علائقن جي ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن،اسان جا تبليغي ڀائر جن ۾ وائرس جي تصديق ٿي آهي انهن جو علاج جاري آهي. وڏي وزير چيو ته لاڪ ڊائون وڌائڻ جو فيصلو وفاقي سرڪار ڪندي، جنهن جو اعلان به ڪيو ويو، منهنجو پيغام آهي ته جيڪا ايس او پي ٺاهي وڃي ان تي عمل ٿيڻ گهرجي.