سنڌ ۾ ايئرپورٽ ۽ ايئربيسز جي آسپاس پنج سئو ۽ مٿي هڪ هزار فُٽ جي بُلندي تي ٽن مهينن تائين پابندي

ڪراچي :- سنڌ ۾ ايئرپورٽس ۽ ايئربيسز جي آسپاس قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي طرفان سموري صوبي جي ايئرپورٽس ۽ ايئر بيسز جي آسپاس ٽن مهينن تائين قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپورٽ ۽ ايئربيسز جي چوڌاري ليز لائيٽس ۽ آتش بازي تي پابندي هوندي، جڏهن ته ايئرپورٽس جي آسپاس پنج سئو ۽ مٿي هڪ هزار فُٽ بُلندي تائين چرپر تي پابندي هوندي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ايئرپوٽ ۽ بيز جي چوڌاري جانورن کي ذبح ڪرڻ ۽ اوجهه اُڇلڻ تي به پابندي لڳائي وئي آهي، ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.