سنڌ ۾ انعامي اسڪيم جي ڪاروبار ۾ اضافو، ماڻهو ٺڳجڻ لڳا

سکر :- انعامي اسڪيم جي ڪاروبار ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، شهرن ۾ لاتعداد انعامي اسڪيمون جاري آهن جن ۾  انعامن طور ٽو ڊي ڪار، مهراڻ ڪار، ڪلٽس ڪار، هنڊاموٽر سائيڪل، چائنه موٽر سائيڪل، عمري جي ٽڪيٽ، نقد انعام کان علاوه لاتعداد گهريلو استعمال ٿيندڙ شيون واريون اسڪيمون جاري آهن. ڪا اسڪيم ٽن مهينن تي مشتمل هوندي ته ڪا 12 مهينن تي هوندي آهي، انعامي اسڪيم ۾ جيترا ميمبر وڌيڪ هوندا ان حساب سان فيس مقرر ڪري اوترو ئي انعام وڏو رکيو ويندو آهي. في انعام اسڪيم ۾ 500 ميمبرن کان 5000 ميمبر شامل ٿي پنهنجي قسم آزمائيندا آهن، هن وقت گهڻي قدر 1000، 1500، 2000   ميمبر تي مشتمل انعامي اسڪيمون تمام گهڻيو مشهور آهن. انعامي اسڪيم جو ڪاروبار ڪندڙ توڙي سندن حامي ماڻهن جو خيال آهي ته اهڙن انعامي اسڪيمن ۾ ڪنهن به قسم جو فراڊ، ٺڳي نه آهي. ڇو جو انعامي اسڪيمن ۾ حصو وٺندڙ هر ماڻهو کي ان بابت تمام سٺي ريت معلومات آهي ۽ اهي هڪ راند سمجهي پنهنجي قسمت آزمائڻ  جي لاءِ اهڙن اسڪيمن ۾ حصو وٺندا آهن. ٻئي طرف  علماءِ ڪرام انعامي اسڪيم کي حرام ۽ جوا سان تشبيع ڏين ٿا. جڏهن ته سنڌ حڪومت توڙي ضلعي انتظاميه اهڙين انعامي اسڪيم جي وڌندڙ ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ هن وقت تائين ڪي به جوڳا اُپاءُ نه ورتا آهن.