سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيان ٿو:سرويچ اوڍو/ (سيف جرمني) پاران هينوفر شهر ۾ انساني حقن جي عالمي ڏينهن حوالي سان احتجاجي مظاهرو

هينوفر: سموري دنيا جا سنڌي گڏ ٿي سنڌ جي مسئلن تي آواز اٿارين ۽ سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تائين جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪيان ٿو، اهڙن خيالن جو اظهارسنڌ اويئرنس فاونڊيشن جرمني (سيف جرمني) جي صدر سرويچ حيدراوڍو انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪوٺايل احتجاجي مظاهري ۾ ڪيو. سيف جرمني پاران ان احتجاجي مظاهري ۾ جرمني ۾ رهندڙ سنڌين ۽ بلوچن مردن توڙي عورتن ٻارن سميت شرڪت ڪئي . مظاهري ۾ بلوچ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ سميع بلوچ چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان سميت سموريون مظلوم قومون پاڪستان ۾ ٻٽي عذاب آهن جنهن ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ٿيڻ عام ڳاله ٿي وئي آهي. بلوچستان ۾ بلوچن جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي ۽ عالمي دنيا جي خاموشي پڻ انساني حقن جي وڏي لتاڙ آهي. مظاهري ۾ آيل سنڌ ۾ پاڻ جبري گمشدگي جو شڪار ۽ قومپرست اڳواڻ محمد علي نوناري ڳالهائيندي چيو ته هن مظاهري جي آرگنائزرس جي مهرباني جن مون کي هن مظاهري ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن وڌيڪ چيو ته هن مظاهري جي ذريعي اسين سنڌي سموري مهذب دنيا، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، گڏيل قومن، يورپين يونين کي گذارش ڪريون ٿا ته رياست پاڪستان ۽ ان جي ملٽري ادارن پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾جاري انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف آواز اٿارين. پاڪستان چين سان گڏجي نه فقط سنڌ ۽ بلوچستان جي سموري ساحلي پٽيء تي جبرن قبضو ڪري اسان کان اسان جو وطن مڪمل طور تي کسي رهيو آهي پر اڀرندڙ عالمي سامراج کي هن خطي ۾ آڻي سموري ڏکڻ ايشيا ۽ دنيا کي ٽين عالمي جنگ ڏاهن ڌڪي رهيو آهي. چين پاڪستان جون سازشي چالون خطي ۽ سموري دنيا جي امن کي تباهه ڪري ڇڏينديون.انٽرنيشنل سنڌي وومين آرگنائيزيشن جي ميمبر ڪونج اوڍو سنڌ ۾ عورتن سان ٿيندڙ انساني حقن بابت ڳالهائيندي چيو ته سنڌي عورت کي ڪارو ڪاري جي نالي ، مذهب جي نالي تي ۽ ڪمزور هجڻ سبب نه رڳو جنسي ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي پر انهن جي مال ملڪيت تي قبضي ڪرڻ لاء انهن کي مارڻ جو سلسلو جاري آهي، پر رياستي عملداري انهن مظلوم عورتن واري معاملي نه هجڻ برابر آهي. جبري گمشدگيون پنهنجي عروج تي آهي ۽ عدالتون خاموش تماشائي ٿي ويون آهن.جيئي سنڌ تحريڪ جي اڳواڻ سينگهار سليم اوڍو چيو آهي ته عدالتون ۽ قانون تي قبضي ۽ اثر باوجود سنڌ ۽ بلوچستان مان سياسي  نوجوانن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ۽ قانون جي لتاڙ ڪري انهن سياسي ورڪرن ۽ انساني حقن جي لاء آواز اٿريندڙن تي تشدد ڪري مهينن جا مهينا قيد و بند ۾ رکيو ٿو وڃي. سنڌ نيشنل پارٽي جي ميمبر ۽ سيف جرمني جي آرگنائيزر محمد قاسم پتوجو چيو ته پاڪساني اسٽيبليشمنٽ سنڌ توڙي بلوچستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي لتاڙ جي ذميوار آهي ۽ اقوام متحده کي انهي معاملن تي سخت نوٽيس وٺي پاڪستان کان پڇاڻو ڪري .آخر ۾ مظاهري ۾ آيل سنڌي ۽ بلوچ اڳواڻن اڀ ڏاريندڙ نعرن سان سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ جو مطالبو ڪندي سموري يورپ ۾ اهڙي احتجانن جي سلسلي کي وڌائڻ جو وچن ڪيو. آخر ۾ سيف جرمني جي صدر سرويچ حيدر اوڍو سمورن آيل سنڌي ،بلوچن جا ٿورا مڃيا ۽ مستقبل ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي . مظاهري ۾ بلوچ ريپبلڪ پارٽي جي اڳواڻن وسيم دين بلوچ ، راشد بلوچ ۽ لعل محمد بلوچ ، عارف بلوچ سميت ڪيترن خصوصي شرڪت ڪئي .