سنڌ ۽ پنجاب ۾ برسات، هڪ ئي ڪٽنب جي 7 ڀاتين سميت 18 ڄڻا فوت

ڪراچي/لاهور:- سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري، برسات پوڻ سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي جڏهن ته گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. پنجاب ۾ گهرن جون ڀتيون ڪرڻ ۽ ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ 18ڄڻا فوت ٿي ويا، تاندلياوالا ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 5 ٻارڙن سميت هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي دٻجي فوت ٿي ويا، فيصل آباد ۾ ڇت ڪرڻ سبب 3 ڀينرن سميت ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا، وهاڙي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪڻ ڪڻ کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي آهي، مختلف علائقن ۾ برسات سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. سنڌ جي مختلف شهرن ۾ طوفاني هوا ۽ برسات بعد سيپڪو جا 46 فيڊرز بند ٿي ويا. ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ترجمان سيپڪو موجب ڪنڊيارو،رحمان نگر، خيرپورناٿن شاهه، نوشهروفيروز، نوان جتوئي، چونڊڪو، اوٻاوڙو، شهدادڪوٽ، ڏوڪري، رانڌڻ، ميرپورماٿيلو، گمبٽ ۽ راڻيپور جي فيڊرز جي بجلي معطل ٿي وئي آهي.سيپڪو چيف محمد سليم متاثرن علائقن ۾ جلد بجلي جي فراهمي بحال ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي