سنڌ ڪابينا ڇهين آدم شماري جي نتيجن بابت وفاقي ڪابينا جي فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي := سنڌ ڪابينا ڇهين آدم شماري جي نتيجن بابت وفاقي ڪابينا جي فيصلن کي رد ڪري ڇڏيو، ڪابينا اجلاس دوران وڏي وزير چيو آهي ته وفاقي ڪابينا وٽ آدم شماري جي نتيجن جي منطوري جو اختيار نه آهي، آدم شماري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مامرو آهي ۽ سي سي آءِ ڏانهن مامرو منتقل ڪيو وڃي، سنڌ ڪابينا، پي ايم سي تحت سنڌ ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪرڻ جِي منظوري ڏئي ڇڏي، پي ايم سي کي ڪابينا جِي سفارشن کان آگاهه ڪرڻ جِي هدايت، سنڌ ڪابينا پاران صوبي جَي ميڊيڪل ادارن ۾ 95 سيڪڙو مقامي ۽ 5 سيڪڙو ٻين صوبن جَي شاگردن کي داخلا ڏيڻ جو فيصلو، سنڌ حڪومت پاڻ صوبي اندر نجي ميڊيڪل ڪاليجز جِي فيس اسٽرڪچر کي ريگوليٽ ڪندي، ايس اي سي ۾ نجي ۽ سرڪاري ميڊيڪل ادارن کي ريگوليٽ ڪيو ويندو