سنڌ ڪابينا مهراڻ سوڌو8 يونيورسٽيز جي وي سيز جي ملازمت ۾ واڌ

ڪراچي :- سنڌ ڪابينا مهراڻ سوڌو ٻين يونيورسٽيز جي 8 وي سيز جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران يونيورسٽيز جي 8 وي سيز جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي جي نثار صديقي، اين اي ڊي جي سَروشَ لوڌي، سنڌ مدرسته الاسلام جو وي سي محمد علي شيخ، جناح ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي طارق رفيق ۽ مهراڻ يونيورسٽيءَ جو ڊاڪٽر اسلم عقيلي اُنهن وي سيز ۾ شامل آهن، جن جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي منظوري ڏني وئي آهي. ترجمان موجب منظوري ملڻ کانپوءِ ڄاڻايل وي سيز پنهنجي عهدي تي برقرار رهندا.