سنڌ کي محمدين جھڙن جاکوڙي ڪردارن جي ضرورت آھي: اياز لطيف پليجو

ڊگھڙي :- قومي عوامي تحريڪ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ محمدين ڀرڳڙي جي پھرين ورسي جو جلسه عام ڊگھڙي جيم خانه گرائونڊ ۾ ٿيو۔ جنھن جي صدارت ڪيو اي ٽي صدر اياز لطيف پليجو ڪئي۔ جڏھن ته ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر انور نوحاڻي۔ ڪي بي کوسو۔ زاھد گل اوٺو۔ ڌڻي بخش کوسو۔ منور جتوئي۔ دلبر لغاري۔ جاني خان جروار۔ بچل احمداڻي۔ سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون۔ عذره رند۔ نثار ڀرڳڙي۔ ارباب نوحاڻي۔ شاھنواز ھڱورو۔ انور خاصخيلي۔ ايس ايس ٽي صدر سجاد جتوئي۔ مصطفي نظاماڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي۔ جلسي کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته محمدين ڀرڳڙي ڪرپشن۔ پاڻي کوٽ۔زراعت جي تباھي۔ ڪالاباغ ڊيم۔ سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد ڪئي۔ محمدين سچو ڪارڪن ۽ اڳواڻ ھو۔ سنڌ کي محمدين جھڙن جاکوڙي ڪردارن جي ضرورت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته زرعي تباھ سان سنڌ غربت ۽ بيروزگاري جي باھ ۾ سڙي رھي آھي۔ افغانين سميت لکين غيرقانوني پرڏيھين کي واپسي تائين مھاجر ڪئمپن رھايو وڃي۔ اھي سنڌ ۽ ملڪ جي امن لاء وڏو خطرو آھن۔ سنڌ جي وسيلن تي پھريون حق سنڌ جو آھي۔معصوم ٻارن جي اغوا۔ زيادتي ۽ انھن جي قتل جي ذميوار سنڌ حڪومت آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي ڪرپشن کي تحفظ جي جنگ پئي وڙھي۔ جمھوريت جا ڪوڙا نعرا ھڻي سنڌ جي زراعت۔ تعليم۔ صحت۔ بلديات ۽ وسيلن تي ڌاڙا ھنيا آھن۔ برسات جو پاڻي نه ڪڍي سگھندڙ حڪمرانن وٽ غريب عوام جي تباھي کان سواء ٻي ڪا به ايجنڊا ناھي۔ سنڌ ڪرپشن ۾ پهرئين نمبر تي آھي۽ تعليم ۽ ترقي ۾ آخري نمبر تي آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته 80 سيڪڙو سنڌ جا ماڻھو گٽر مليل گندو ۽ جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھن۔ ٿر ۾ دنيا جو ڇھون نمبر وڏو ڪوئلي جو ذخيرو آھي۔ ڪاري سون مان اربين روپين جي ڪمائي ٿي رھي آھي پر ٿرپاڪر ۾ بھتر علاج ۽ خوراڪ نه ملڻ ڪري ھڪ طرف روزانو ٻار مري رھيا آھن تي ٻئي طرف ماڻھون غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪري رھيا آھن۔ ھن چيوته 12 سالن جي خراب حڪمراني جي ڪري سڄي سنڌ ۾ 7 هزار کان وڌيڪ اسڪول ۽ ڪاليج بند آھن۔ هاير سيڪنڊري سميت موجود اسڪولن۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استاد ناهن نہ ئي سائنس جون ليب ۽ سامان آھي۔ اياز لطيف چيو ته ميرپورخاص۔ خيرپور۔ دادو۔ عمرڪوٽ سميت 85 سيڪڙو سنڌ جي اسپتالن ۾ سرڪاري دوائون۔ ماھر ڊاڪٽر ۽ علاج ناھي۔ ھن چيو ته سڀ کان وڌيڪ روڊ رستا سنڌ جا تباھ ٿيل آهن۔ سڀ کان وڌيڪ آلودگي سنڌ ۾ آهي۔ سڀ کان وڌيڪ سنڌ جا ٻيلا قبضا ڪري سرڪاري شاخن واهن تان وڻ ڪٽيا ويا آھن۔ شاخن ۽ ڪئنالن جي کاٽي جي نالي ۾ ڪروڙين روپيا کائي ويا۔ نقلي ٻج۔ نقلي زرعي دوائن۔ نقلي ڀاڻ۔ پاڻي کوٽ ۽ فصلن جا اگھ نه ملڻ ڪري هاري ۽ زميندار بک مري رھيا آھن۔ اياز لطيف پليجي چيو ته انصاف ناھي۔ نوڪريون وڪامن ٿيون۔ بدليون ۽ مقرريون رشوت کانسواء نٿيون ٿين۔ ميرٽ جو نالو نشان ناھي۔ جيڪو جيترو نااھل ۽ مال ڪمائي ڏيندڙ آھن۔ ان کي ايتري وڏي اھميت ۽ حيثيت آھي۔ سنڌ حڪومت ڪنهن بہ وزير کي ڪرپشن ۾ گرفتار ته پري جي ڳالھ وزارت تان واپس نہ ورتي آھي۔ سنڌ ۾ احتساب بند ٿي ويو آھي۔ نيب۔ ايف آء اي ۽ ٻيا ادارا ڪرپشن خلاف ڇو خاموش آھن۔ سمورين وڏين مڇين کي گرفتار ڪيو وڃي۔ اياز لطيف پليجي چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ مان اربين روپين جا ٽيڪس ميڙي ٿي۔ تيل۔ گئس۔ بجلي۔ ڪوئلو۔ بندرگاھ ۽ ٻين وسيلن مان ڪمائي رھي آھي پر اڃا تائين سنڌ کي ڪو به پيڪيج نٿو ڏنو وڃي۔ وفاقي ادارن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاء نوڪرين جا دروازا بند آھن۔ عمران خان سنڌ جي ھر ڊويزن ۾ صنعتي زون قائم ڪرائي۔ گئس۔ واپڊا۔ ريلوي۔ سول ايوي ايشن ۽ ٻين وفاقي کاتن ۾ سنڌ جي نوجوانن لاء 3 لک نوڪرين جو اعلان ڪيو وڃي۔ ترقي جي وڏن منصوبن ۾ سنڌ کي شامل ڪيو وڃي۔ اياز لطيف چيو ته سنڌ ۾ ڪنھن کي مرضي سان ووٽ ڏيڻ نٿو ڏنو وڃي۔ انتقام ۾ پاڻي بند ڪرايا وڃن ٿا۔ ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرايو وڃي ٿو۔ اغوا ۽ قتل ڪرايووڃي۔ عوام دشمن حڪمرانن اٽي لٽي ۽ اجھي جو نعرو ھڻي ھيپاٽائٽس۔ ايڇ آئي وي ايڊز ۽ ٻيون بيماريون ڏنيون آھن۔ ھن چيو ته آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن بدران عوام دوست معاشي پاليسيون جوڙيون وڃن۔ ھاري تحريڪ جي صدر انور نوحاڻي چيو ته سنڌ جيڪو پاڻي ملي ٿو اھي وزير۔ ايم پي اي۔ ايم اين اي۔ سينيٽر ۽ حڪومتي وڏيرا زبردستي کنيو وڃن۔ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سنڌ کي زرعي پيڪيج ڏئي۔ زرعي اوزان۔ ٻج ۽ ڀاڻ تي سبسڊي ڏني وڃي۔ ھارين جي ٻارن جي يونيورسٽي تائين تعليم مفت ڪئي وڃي۔ زينت سمون چيو ته حڪمرانن سنڌ کي معصوم نياڻين۔ عورتن ۽ ٻارن لاء مقتل گاھ بنائي ڇڏيو آھي۔ حڪومتي وڏيرا جرڳا ڪري معصوم نياڻين ج خون لوڙھي ڇڏين ٿا۔ جلسي کي ڪي بي کوسو۔ زاھد گل اوٺو۔ عذره رند۔ نثار ڀرڳڙي۔ ارباب نوحاڻي۔ شاھنواز ھڱورو۔ انور خاصخيلي۔ سجاد جتوئي۔ مصطفي نظاماڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔