سنڌ ڊاڪٽرس ايسوسيئشن پاران ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي جي خدمتن عيوض کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ خصوصي اجلاس جي مڪمل ڪاروائي.

لنڊن ( رپورٽ امداد علي اوڍو) سنڌ ڊاڪٽرس ايسوسيئشن يوڪي جو ساليانو اجلاس گذريل هفتي ٿي گذريو، هن اجلاس کي ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي کي خراج تحسين سان منسوب ڪيو ويوهيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر خديجه مهر ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي جي شخصيت تي ڳالهائيندي چيو ته دنيا ۾ اهڙا انسان گھٽ هوندا آهن جيڪي ٿوري وقت ۾ اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريندا آهن جن جو تصور ڪرڻ به ڏکيو هوندو آهي. هن چيو ته اسان جي ڀيڻ افسانه سنڌ سرتيون تنظيم ٺاهي عورتن جي مجموعي مسئلن تي انهن کي گڏايو، عورتن جي ڪامياب  انٽرنيشنل ڪانفرنس حيدرآباد ۾ ڪرائي جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ مان عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. هن برطانيه مان ويهي سنڌ جي اڪثر شهرن ۾ مختلف بيمارين جي روڪٿام لاءِ ڪئمپون لڳرايون. هن فيس بوڪ تي مختلف موضوعن تي ماهر شخصيتن سان معلوماتي ڊسڪرشن سيشن ڪيا. ايس ڊي اي جي نائب صدرجي حيثيت ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ان موقعي تي وائيس آف سنڌ ٽي وي لنڊن پاران ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي جي زندگي تي خصوصي ڊاڪيومنٽري ڏيکاري وئي.  ڊاڪٽر نذير ڏهر چيو ته ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي گھڻ پاسائين شخصيت جي مالڪ هئي، هن پنهنجي پيشي ۾ به وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ مختلف ڪورسز ڪندي رهندي هئي، مان هڪ پاڙيسري جي حيثيت ۾  هن جي شخصيت کي ويجهڙائي سان ڏٺو هو جو پنهنجي گھر، اولاد ۽ ور سان مثالي تعلقرهيو، ان کانسواءِ تعلقات قائم ڪرڻ ۽ انهن سان نڀائڻ جو کيس وڏو ڏائو هيو. ڊاڪٽر ڏهر ساروڻين جو تفصيلي ذڪر ڪيو. تعليمدان اميرالدين ابڙي چيو ته ڌڻي عبادت جي تلقين ڪئي آهي خصوصن انسانيت جي خدمت ۾ ئي رب جي رضا شامل آهي. ڊاڪٽر افسانه ڀرڳڙي به انسانيت جي خدمت جو بيمثال ڪردار هيو. هن سوشل ميڊيا جو زبردست استعمال ڪندي خلق جي سجاڳي لاءِ وڏو ڪم ڪيو، سنڌ سرتيون سٿ قائم ڪري هن ٿوري وقت 6 هزار عورتن کي ميمبر ڪيو ۽ انهن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو. هاڻي اسان تي فرض عايد ٿئي ٿو ته ادي افسانه جي مشن کي اڳتي وڌايون ۽ سنڌ ۾ سجاڳي وارو مشن پورو ڪري سگهون. ڊاڪٽر فياض ميمڻ  چيو ته  2017 ۾ اچانڪ مونکي ادي افسانه جي ايميل پهتي ۽  هن وڏي دلجاءِ سان چيو ته ادا توهان جيڪا يونيورسٽِي آف سسٽين ايبل سائنسز ٺاهيو پيا ان ۾ اسان توهان سان گڏ آهيون ۽ پوءِ هن سان مستقل رابطو رهيو ۽ هو يونيورسٽي جي فنڊنگ بابت جيڪا گڏجاڻي ڪوٺائي وئي هئي ان بابت صلاحون ڏيندي رهندي هئي ۽ ان سلسلي ۾ مڪمل سهڪار ڪيو. شميم ڀٽو چيو ته ادي افسانه جي ڪوششن سان سنڌ جي عورتن ۾ اعتماد پيدا ٿيو ۽ هن عورتن کي بزنس ڪرڻ لاءِ مائل ڪيو، اڄ عورتون ڪاروبار ڪري رهيون آهن. ڊاڪٽر هميرا سومرو چيو ته ادي افسانه اسان جي تنظيم انٽرنيشنل سنڌي وومين آرگنائيزيشن جي سرگرمين ۾ موٽيويشن وارو ڪردار ادا ڪندي هئي ۽ هر ڪم ۾ اسان جي صلاحڪار هئي ۽ عملن ڪم ڪندي هئي. هن ڳوٺن جي عورتن لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هاڻي اسان تي اهو لازم ٿئي ٿو ته اسان ادي افسانه جو مشن پورو ڪيون. ڊاڪٽر امير علي شورو جيڪو ايس ڊي اي جو فائونڊر صدر هيو. هن چيو ته  1979 ۾ مان پي ايچ ڊي ڪرڻ انگلينڊ آيو هيس هن چيو ته سنڌ ڊاڪٽر ايسوسيئشن جو اسان بنياد ان ڪري رکيو ته اسان گڏجي سنڌ جي ڏکايل ماڻهن لاءِ ڪم ڪيون ۽ هت ايندڙ شاگردن جي تعليم جي حصول لاءِ رهنمائي ۽ مدد ڪريون. مونکي خوشي آهي ته ايس ڊي اي انهي مد ۾ قابل تعريف ڪم ڪيو آهي. آخر ۾ ڊاڪٽر خديجه مهر ادي افسانه جي شاعري سان پروگرام جو اختتام ڪيو، هن جي شعر جو عنوان هيو.

” زندگي“

کوئي سا به موسم ميري نام کردو، گذر گيا بهي تو کيا هوگا

پهر سي لوٽ آئيگا، وهي سورج چمکي گا، وهي شام هوگي وهي دن رات

خزان اور بهار هوگي، يون هي چلتا رهي گا کاروان زندگي،

مين هون گي بس رهي گي زندگي،

يون هي چلتا رهيگا کاروان زندگي کا، نه تم هوگي نه مين هونگين،

بس رهي گي زندگي، بس رهي گي زندگي.