سنڌ ڄائو ڀارت جو چوٽي جو وڪيل رام جيٺ ملاڻي ديهانت ڪري ويو

نئين دهلي:- سنڌ ڄائو ڀارت جو چوٽي جو وڪيل رام جيٺ ملاڻي ديهانت ڪري ويو. هن نئين دهلي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي 95 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڏنو. رام جيٺملاڻي 23 سيپٽمبر 1923ع تي سنڌ جي شهر شڪارپور ۾ ڄائو هو. هن ڪراچي جي ايس سي شاهاڻي لا ڪاليج مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن پريڪٽس به ڪراچي ۾ ئي شروع ڪئي. شڪارپور ڄائي پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي سان گڏ هڪ آفيس کولي هئي. رام جيٺ ملاڻي ورهاڱي وقت سنڌ ۽ ان جي گادي واري شهر ڪراچي کي ڇڏڻ نه چاهيو هو پر حالتون خراب ٿيڻ بعد پنهنجي دوست اَي ڪي بروهي تحفظ خاطر کيس هندستان لڏي وڃڻ جي صلاح ڏني ۽ کيس راضي ڪيو، جنهن بعد هو هندستان لڏي ويو. رام جيٺملاڻي کي ويجها مائٽ ۽ دوست ”دادا“ ڪوٺيندا هئا. ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جَي پي) سان واسطو رکندڙ رام جيٺملاڻي اٽل بهاري واجپائي جي حڪومتي دور ۾ قانون ۽ ٻهراڙي جي ترقي وارو وزير به رهي چڪو هو. تازو ڪشمير جي حيثيت ختم ڪرڻ تي رام جيٺ ملاڻي واضح موقف اختيار ڪيو هو ته رياستي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ ڪشمير جي حيثيت تبديل نه ٿي ڪري سگهجي. رام جيٺ ملاڻي درگا ۽ رتنا نالي عورتن سان شاديون ڪيون هيون. هو رواني سان سنڌي ڳالهائيندو هو ۽ هو سدائين ڪراچي ۽ شڪارپور سميت پنهنجي جنم ڀومي سنڌ کي بهترين لفظن ۾ ياد ڪندو رهيو.