سنڌ پوليس ملازمن کي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي:- ڪراچي پوليس جي چيف غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي پوليس جي ويلفيئر جي سلسلي ۾ هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. جنهن تحت سمورن پوليس وارن ملازمن کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا.

پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن ۾ ڪراچي پوليس جي آفيسر ۽ ملازمن جي لاءِ دربار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ڪراچي پوليس جي چيف غلام نبي ميمڻ خطاب ۾ وقت جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪراچي پوليس کي جن مسئلن کي منهن ڏيڻو آهي انهن کي نظر ۾ رکندي ڪراچي پوليس جي ويلفيئر جي سلسلي ۾ هڪ پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن تحت سمورن پوليس جي ملازمن کي صحت ڪارڊ جاري ڪيا ويندا جنهن تحت هو پنهنجي ۽ پنهنجي وارثن جي لاءِ شهر جي بهترين اسپتالن ۾ علاج جي سهوليت مان فائدو حاصل ڪري سگهندا.

هن پوليس دربار ۾ سينئر پوليس آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ملازمن کي هفتي ۾ هڪ موڪل ڏني وڃي ۽ ڊيوٽي جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ جي لاءِ مثبت ڪاوشون ڪيون وڃن جنهن کان پوءِ ڪراچي پوليس چيف درٻار ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن پوليس آفيسرن ۽ ملازمن سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي ۽ ان سان گڏ گروپ فوٽو ۽ سيليفون به ڪڍرايون