سنڌ پوليس آفيسرن جي پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي پابندي

ڪراچي: سنڌ پوليس پنهنجن آفيسرن جي پريس ڪانفرنس ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.گذريل هفتي اڳوڻي سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) اظفر مهيسر جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ مبينا ٽارگيٽ ڪلر يوسف ٺهيلي والا جو وڊيو بيان سنڌ پوليس کي مهانگو پئجي ويو.ذريعن موجب ايس ايس پي اظفر مهيسر کي عهدي تائين هٽائڻ ۽ صوبي بدر ڪرڻ کانپوءِ اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جنهن تحت ايس ايس پي سميت سينيئر پوليس آفيسرن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.آئنده سنڌ پوليس جي ڪنهن به ڪارروائي جي تفصيل هڪ پڌرائي جي ذريعي جاري ڪئي ويندي.فيصلي موجب ڪنهن به ڪارروائي جي تفصيلي پڌرائي منظوري جي لاءِ اعليٰ پوليس اختيارين کي موڪلي ويندي ۽ اعليٰ اختيارين جي طرفان منظوري کانپوءِ ئي ان کي جاري ڪيو ويندو.